سکر ۾ روهڙي انتظاميا تاريخي گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، احتجاج

سکر(رپورٽر) سکر جي مشهور تاريخدان اديب لوڪل بورڊ جي رهائشي مرحوم شوڪت خواجائي جي ستين جي آستان ڀرسان پاڪستان ٺهڻ کان پهرين واري گھر ۽ قديمي ملڪيت کي روهڙي انتظاميا غير قانوني ڄاڻائي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو. مرحوم شوڪت خواجائي جي گھرواري مسمات فرزانه خواجائي، پٽن نزاڪت خواجائي، عبداللطيف خواجائي تاريخي ملڪيت جا ضروري ڪاغذات کڻي سکر پريس ڪلب آڏو روهڙي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته روهڙي انتظاميا ستين جي آستان ڀرسان پاڪستان ٺهڻ کان پهرين سندن تعمير ٿيل گھر کي بلاجواز غير قانوني ڄاڻائي ۽ قديمي ملڪيت کي ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي. هنن ٻڌايو ته ان کان پهرين هنن ملڻ واري نوٽيس تي ڪمشنر سکر کي درخواست ڏني هئي. جنهن تي انڪوائري ٿي ۽ اها اسان جي حق ۾ آئي پر روهڙي انتظاميا سروي نمبر 24,25,26 تي ڪيل آپريشن ۾ اسان جي قديمي ملڪيت کي به ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا سراسر ناجائزي ۽ زيادتي آهي، هنن سکر ضلعي انتظاميا ۽ بالا آفيسرن کان گھر ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو آهي ته بلاجواز گھر ڊاهيندڙ ملوث آفيسرن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري مسمار ڪيل قانوني ملڪيت واپس ڏياري وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.