7 جنوريءَ ڇا ڏنو ڇا ورتو؟

تحرير : فقير محمد سنڌي

¨ 7 جنوري 1988ع تي شاعر ۽ قومي ڪارڪن مولانا محمد عظيم شيدا لاڏاڻو ڪري ويو.

¨ • 7 جنوري 1986ع تي سنڌ جو نقاد قربان علي بگٽي دل جي تڪليف ڪري لاڏاڻو ڪري ويو.

¨ • 7 جنوري 1929ع تي سنڌ جو زميندار، راڳ جو پارکو ۽ ادب دوست شخص سيٺ وشنداس چلاڻو ڪيو.

¨ • 7 جنوري 1930ع تي سنڌ ٻوليءَ جي غزل جي نامور شاعر ارجن حاسد اصل نالو ارجن جيٺا تنواڻي ڪنڊياري ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو.

¨ • 7 جنوري 1953ع تي شاعره، ڪهاڻيڪاره ۽ محقق ڊاڪٽر تهمينه مفتي نوابشاهه شهر ۾ ڄائي. پي ايڇ ڊي جو موضوع؛ سنڌي ڪهاڻيءَ جو سماجي ڪارج.

¨ • 7 جنوري 1934ع تي سنڌي ٻوليءَ جو اهم ليکڪ پدم راجا شرما حيدرآباد سنڌ ۾ ڄائو.

¨ • 7 جنوري 1959ع تي سنڌ جو مشهور سگهڙ محمد مٺل جهتيال ڳوٺ گاجي جهتيال، تعلقي ڏوڪري ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • 7 جنوري 1916ع تي ناميارو استاد ۽ ڊراما هدايتڪار ڇتل سرهيو، موري شهر ۾ پيدا ٿيو.

¨ • 7 جنوري 1904ع تي شاعر عبدالله “خواب“ حيدرآبادي ولد ميان علي بخش ڀٽي جنم ورتو.

¨ 7   جنوري 1983ع تي اديب، محقق براڊ ڪاسٽر ۽ صحافي فقير محمد سنڌيءَ لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو.

¨ • 7 جنوري 2007ع تي سنڌ جو نالي وارو اديب، صحافي ۽ دانشور، انور پيرزادو لاڏاڻو ڪيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.