سڪرنڊ جون نجي اسپتالون ڪوس گھر بڻيل

تحرير : مير ذوالفقار چانڊيو /سڪرنڊ

ظاھري ڳالھه آهي ته معاشري اندر ماڻھن کي سرڪاري سھولتون نه ملنديون ته ان جي مقابلي ۾ ماڻھو پرائيوٽ ادارن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن اسان جي ملڪ اندر خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ اھڙا ڪافي مثال ملن ٿا جيئن سرڪاري اسڪولن جي تباهيءَ کان پوءِ پرائيوٽ اسڪول جي شاندار انٽري ھلي رھي آھي جيڪڏھن ڪنھن شھر ۾ پنج سرڪاري اسڪول آهن ته 25 پرائيوٽ اسڪول به ھوندا بلڪل ساڳي طرح سنڌ جي اسپتالن اندر دوائن جي کوٽ سھولتون نه ھجڻ سبب سنڌ جون اڪثر اسپتالون تباھ نظر اچي رھيون آھن جنھن جي مقابلي ۾ سنڌ اندر پرائيوٽ اسپتالون مطلب ميڊيڪل سينٽر جو قيام ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي جنهن سبب ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن مٿان ٿورو گھڻو اعتماد ھو اھو به آخري پساهن ۾ آهي جنهن کان پوءِ ماڻهو پنهنجي صحت کي سڌارڻ بھترين علاج لاءِ پرائيوٽ ميڊيڪل سينٽرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور ھوندا آهن.

افسوس ته ان جي مقابلي ۾ غريب ويچارا جيڪي ھڪ وقت ماني کائڻ لاءِ پريشان ھوندا آھن اھي مھانگو علاج ڪيئن ڪرائي سگھن پر زندگيءَ جو سودو ھر ڪنھن کي پيارو ھوندو آھي غريب ويچارا قرض کڻي وڏي مشڪل سان انھن پرائيوٽ سينٽرن ڏانهن رخ ڪن ٿا جتي ظاھري طرح لکيل ھوندو آھي. شفا گھر جتي جا ڊاڪٽر غريب عوام لاءِ مسيحا سمجھيا ويندا آهن پر افسوس ته سڪرنڊ سميت سنڌ جي مسڪين مريضن ۽ عوام لاءِ اھي شفا گهر نه پر ڪوس گهر بڻايا ويا آهن جتي مسيحا ڊاڪٽر پنهنجن پرائيويٽ ڪلينڪن تي مسڪين مريضن کي پاڻ به ڪُھن ۽ سندن ذاتي ميڊيڪل اسٽورن تان به مريضن جا کيسا خالي ڪرائين جتي ڊليوري وارين اڪثر عورتن کي مختلف طريقي سان پريشان ڪري عورتن جا وڏين رشوتن عيوض سيزر آپريشن ڪيا وڃن ٿا ۽ غريب عورتن جا جنازا نڪرن ٿا.

جيڪڏهن ھتي صرف منھنجي شهر سڪرنڊ جي ميڊيڪل سينٽرن تي لکجي ته اھي به ان ڪڌي ڪاروبار ۾ سنڌ اندر پھرين نمبر تي آھن ميڊيڪل سينٽرن اندر سيکڙاٽ عملي ھجڻ ڪري مريضن کي تمام گھڻين مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پوندو آھي جتي ھر اچڻ واري ڏينهن ايندڙ مريضن جا غلط آپريشن يان ڊاڪٽرن جي بي ڌياني سبب عورتن جو ڊليوري دوران فوت ٿيڻ جا واقعا روز جو معمول بڻيل ھوندا آھن ڪجھه سال اڳ جي ڳالھه آهي ته منهنجي پاڙيسري ھڪ عورت ڊليوري ڪيس لاءِ سڪرنڊ جي هڪ مشهور پرائيوٽ ميڊيڪل سينٽر پھتي ته ڊاڪٽر صاحب جي حڪم مطابق ڊليوري نارمل نه آپريشن ذريعي ممڪن آهي اھڙي وحشتناڪ گفتگو غريبن کي پريشان ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ اھو ساڳيو مريض سرڪاري اسپتال پھتو ته نارمل ڊليوري ذريعي تمام آساني سان ٻار ڄائو جنهن واقعي مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته پرائيويٽ ميڊيڪل سينٽرن تي اڪثر عورتن کي مختلف طريقي سان پريشان وسوسا ڏياري انھن جي نارمل ڊليوري بجاءِ ڳري رقم سان آپريشن ڪيا ويندا آهن مسيحا بڻيل ڊاڪٽر ڊليوري ڪيس فڪس ڪري وٺن ٿا جيڪو عمل مسيحا ڊاڪٽر جي دائري ۾ نه پر ڪاسائي ڊاڪٽرن جي دائري ۾ اچي ٿو ان کان علاوه منھنجي گھرواري پاڻ ميڊيڪل سينٽرن وارن کان متاثر ٿيندڙ مريض آهي جنهن کي هڪ ميڊيڪل سينٽر جي ڊاڪٽرياڻي جي غلط علاج سبب ٻئي گردا فيل ٿيڻ ڪري اڄ ڪلھه ڊائلاسز مريض آهي ان سان گڏ ڪجهھ مھينا پھرين منهنجي ڳوٺ جي ھڪ عورت جو ڊليوري ڪيس هڪ ميڊيڪل سينٽر تي ٿيو جتي خود ڊاڪٽرياڻي عملي جي لاپرواهيءَ سبب مريض کي ايڪسپائر رت لڳايو ويو جنهن سان عورت جي طبيعت خراب ٿي وڃڻ ڪري ھڪ ڪلاڪ اندر خالق حقيقي سان وڃي ملي اھي مثال صرف منهنجي ڳوٺ جا آهن جيڪي منھنجي اکين ڏٺو احوال به آهن. پر ان سان گڏ سنڌ جي ميڊيڪل سينٽرن تي سراسري نظر ڦيرائي ڏسجي ته اڪثر سينٽرن تي سيکڙاٽ عملي يان پوري عملي جو نه ھجڻ ڪري مريضن جو غلط علاج ڪري ھميشھ جي لاءِ معذور ڪري ڇڏيندا آهن يا وري اھڙي لاپرواهيءَ سامھون ايندي آهي جو مريضن جو لاش ملندو آهي. سڪرنڊ سميت سنڌ جي اڪثر سينٽرن جي تمام گهڻي ڳڻتي واري صورتحال ھوندي آھي جتي ايندڙ مريضن کي تمام گھڻيون شڪايتون ھجن ٿيون پر انسان مجبور ٿي ڪري اھڙن نااهل ڊاڪٽرن کان علاج ڪرائڻ تي مجبور ھوندا آھن وڏي ڳالهھ ته ھڪ سينٽر اندر صرف ھڪ ايم بي بي ايس ڊاڪٽرياڻي ھجڻ ڪري اھڙي قسم جا واقعا سامهون ايندا رهندا آهن حڪومت ۽ وزير صحت کي گھرجي ته سنڌ اندر سرڪاري اسپتالن اندر سھولتون ڏنيون وڃن جنهن سان ھر غريب ماڻهو جو علاج ميسر ھجي ته از خد عوام اھڙن قوس گھر سينٽرن تي علاج ڪرائڻ پري جي ڳالھه آهي پر اھڙن سينٽرن ڏانهن ڏسڻ به پسند نه ڪندو يان ته وري سنڌ حڪومت اھڙي قسم جي  واقعن کي روڪڻ لاءِ ڪو خاص قدم کڻي جنهن سان ميڊيڪل سينٽرن اندر سيکڙاٽ عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪري اھڙن سينٽرن کي تاحيات بند ڪري ڇڏي ٻي صورت ۾ اھڙن شفا گھر نما يان مسيحا جي روپ ڌاريل ڊاڪٽرن ھٿان عوام جا لاش ملندا رھندا جيڪو عمل وزير صحت يا سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي جو کليل ثبوت ھجي ٿو.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.