بنيادي سائنس

تحرير : اعجاز پليجو جي پوسٽ

دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور چقمق/ مقناطيس (MAGNET) ڪٿي آهي؟

آمريڪا ۾، سائنسدان دنيا جو طاقتور ترين چقمق/ مقناطيس جو پهريون حصو تيار ڪري فرانس ڏانهن موڪلڻ جي تياري ڪري رهيا آهن. سينٽرل سولينائيڊ (central solenoid) نالي ھي دنيا جو طاقتور ترين چقمق آھي، جيڪو دنيا جي سڀ کان وڏي ۽ تجرباتي فيوزن ري ايڪٽر ITER (لاطيني لفظ جنھن جي معنيٰ ”رستو” آھي) کي طاقت ڏيڻ ۾ استعمال ڪيو ويندو. هن بين الاقوامي تجربي ۾ 35 ملڪن شامل آهن. سائنسدانن کي اميد آهي ته آءِ ٽي اي آر اسان جي سج جي مرڪز ۾ ٿيندڙ توانائي پيدا ڪندڙ عمل جو نقل ڪندي صنعتي پيماني تي فيوزن توانائي پيدا ڪرڻ جي امڪان کي ثابت ڪندو. دنيا جو سڀ کان وڏو فيوزن ري ايڪٽر (ITER) ٺاھڻ جو ھي منصوبو تياريءَ جي مرحلن ۾ آھي ۽ اميد آھي ته 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو. ھن ري ايڪٽر جي تياريءَ واري منصوبي جو مقصد 50 ميگا واٽ جي توانائي خرچ ڪندي ان مان 500 ميگا واٽ استعمال جوڳي توانائي پيدا ڪرڻ آهي.

مرڪزي سولينائڊ، ري ايڪٽر لاءِ دل جي حيثيت رکي ٿو. پوريءَ طرح جڙي راس ٿيڻ کانپوءِ اھو 59 فوٽ (18 ميٽر) ڊگهو ۽ 14 فوٽ (4.3 ميٽر) ويڪرو ۽ اٽڪل 1000 ٽن ڳرو/ وزني هوندو.

ھي چقمق 13 ٽيسلا (tesla: چقمق طاقت ماپڻ جو ايڪو) جي طاقت وارو چقمقي ميدان پيدا ڪندو جيڪو ڌرتيءَ جي چقمقي ميدان کان اٽڪل 280,000 ڀيرا وڌيڪ سگهار آهي. اھا ايتري طاقت آھي جيڪا اٽڪل 100,000 ٽن (90,700 ميٽرڪ ٽن) وزني هڪ پوري جهاز کڻي ھلندڙ ٻيڙي (aircraft carrier) کي مٿي کڻڻ لاءِ ڪافي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.