نوجوانن جون اتساهيندڙ سرگرميون

تحرير ؛ ولي ناريجو جي پوسٽ

سنڌ  توڙي ملڪ ۾ جتي وڏي عرصي کان هر طرف حڪمران طبقن  سرمائيدارن، ميرن، پيرن، وڏيرن ۽ انتهاپسندن جون زيادتيون هجن، نااميدي ۽ رڳو ماتم ئي ماتم هجي. اتي انهن بحرانن، مايوسين ۽ بيوسين جي جهانَ ۾ اميدن، خواهشن ۽ سوجهرن کي ڳولينداسين ته يقين ڄاڻو سنڌ پوءِ به انتهائي روشن نظر ايندي .جنهن ۾  خوشحالي ۽ اميدن جا ڪيترائي روشن ۽  جڳ مڳائيندڙ ستارا به نظر ايندا.

جتي سياست رڳو  بي اصولي، ڇڙواڳي  ۽ ذاتي مفادن جو نالو هجي، هر طرف گندگي پکڙيل هجي.انسان جي ڀلائي جو تصور بظاهر ناپيد ٿيندي نظر ايندو هجي. اتي سماج جي  بحرانن ۽ مايوسين مان ڪي سنڌ جا نوجوان هن سر جي گدلي سيور مان نيل ڪنول ٿي اڀري ايندا آهن ۽  ڏتڙيل طبقي جون ڀرجهلو ٿيندا آهن . سماج جي تعمير ۽ ترقي جو ذمو پاڻ مرادو پنهنجي ڪلهن تي کڻڻ  لاءِ پنهنجو انقلابي قدم  اڳتي وڌائن ٿا ، ڏتڙيل پورهيتن جي آزادي ۽ خوشحالي جي تعمير لاءِ بنا ڪنهن خوف جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن جي سرواڻي ڪرڻ لاءِ عوام دشمن ظالم قوتن سان مهاڏو اٽڪائيندي نظر ايندا.

سو اچو ته پيڙيل طبقي جي سرواڻي ڪندڙ هنن منهنجي ڳوٺ جي نوجوانن ڪامريڊ محراب لاکير سميت سنڌ ڄاون هنن سورمن جيڪي عوام دشمن قوتن خلاف للڪار بڻجي ميدان تي ڪاهيندا پيا اچن ته ”جهان کي ڏيو مبارڪون اسين پيا ڪاهيندا اچو“ انهن جي ڪوشش ۽ جدوجهد کي  ڪاميابي ۾ تبديل ڪيون. جيڪو اهو چوندي اڳتي وڌي رهيا آهن ته:

متو آهين مڇ ٿلها ٿو ٿونا هڻين،

تون جا ڀائين اڇ تنهن پاڻيءَ پنا ڏينهنڙا“

هي جرئت مند  بهادر نوجوان يقينن  سنڌ جي لائق ۽ ذميوار فرد هئڻ جو حق ادا ڪري رهيا آهن، سندن اهڙي بي خوفي ۽ بهادري ڏسي وڏي واڪي چئي سگهجي ٿو  ته: ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، گهائل ڌرتيءَ جي سيني جي، اهڙي گهري چيخ ٿين ٿا، جا هر ڪنهن کي جاڳائي ٿي، ۽  دنيا کي بدلائي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.