سامونڊي ڪنارن جي چار لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو

سنڌ جي سمنڊ واري ڪناري سان لڳندڙ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن ۾ لکين ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي. موسمياتي تبديلين، پاڻي جي کوٽ ۽ سنڌ حڪومت جي روينيو کاتي هتي جي عام توڙي خاص ماڻهن جي زندگي کي گهڻو ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي، نه رڳو ايترو پر ذالفقار آباد واري رٿا جي شوشي کان پوءِ ڪيترين ئي ڌرين جو هتي عمل دخل وڌي وڃڻ ڪري مقامي ماڻهن سان ويڌن ويتر وڌي وئي آهي.

زمين جو رڪارڊ رکندڙ لاڳاپيل کاتي به مقامي ماڻهن جي لاءِ زندگيءَ ڏکي ڪري ڇڏي آهي، ڪجهه ڌرين جو اهو خيال آهي ته هتي نيٺ ذوالفقار آباد جهڙو جديد شهر اڏبو ان آسري تي هتي جي ماڻهن کان زمين هٿ ڪرڻ جي لاءِ تيرهن سالن کان وٺي بااثر ڌريون سرگرم آهن، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته هن وقت کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر ۾ اصل زميندارن جا رڪارڊ گم ڪري اها زمين ڪن بااثر ماڻهن حوالي ڪرڻ جي مقصد سان سرڪاري کاتو پنهنجي پاران هر اهو ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن سان اصل رهواسين کي تنگ ڪري هتان تڙيو وڃي.ان مقصد جي لاءِ هتي باقي جيڪا زمين موجود آهي يا جيڪا پوکي لائق آهي. ان جي لاءِ به پاڻي جي کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته هتي ايندڙ واهن ۾ پاڻي جي هٿرا دو کوٽ ڪئي وڃي ٿي جنهن جو به اصل مقصد اهو ئي اهي ته هتي جي ماڻهن کي تنگ ڪجي جيئن اهي بيزار ٿي ڪري هن زمين مان هٿ ڪڍي ڇڏين.

90 ديهن تي ٻڌل سامونڊي پٽي وارن علائقن ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جي ڏسندي ئي ڏسندي 4 لک 45 هزار ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو، مٺي پاڻي جي نه پهچڻ ڪري هن ٻنهي تعلقن جي شهرن ۾ هاڻ رڳوارڙهن   ديهون بچيون آهن، سمنڊجي سطح وڌڻ ڪري ۽ مٺي پاڻي جي نه پهچڻ ڪري باقي زمين به سمنڊ  ڳڙڪائيندو پيو وڃي.

باقي بچيل ارڙهن  ديهن جي زمينن کي مٺو پاڻي نه ملڻ ڪري اهي شديد سوڪهڙي جو شڪار ٿي رهيا آهن. زمين کي پاڻي نه ملڻ ڪري اها بنجر بڻجي رهي آهي.

سمنڊ جي زمين ڳڙڪائڻ ۽ باقي بچيل زمينن جي سوڪهڙي جي شڪار هجڻ جي باوجود هتان جي روينيو کاتي به ڄاڻايل ٻنهي شهرن جي مقامي ماڻهن سان ظلم گهٽ نه ڪيا  آهن۽ هتان جي هزارين ماڻهن جي زمينن جا کاتا جعلي قرار پنهنجي من پسند ماڻهن کي نوان کاتا ٺاهي ڏيڻ جي تياري جاري آهي،گذريل 13 سالن کان حالت تمام گهڻي خراب آهي، سال 2011 ۾ سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو هڪ ليٽر جاري ڪري 6 لک 95 ھزار ايڪڙ مقامي ماڻهن جي زمينن جا کاتا جعلي قرار ڏنا ويا هئا، جنهن کان پوءِ مقامي زميندارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو هو، روينيو کاتي جي اهڙي عمل کي مقامي ماڻهو ذوالفقار آباد جي اڏاوت لاءِ زمينون ڦرڻ جي سازش قرار ڏئي رهيا هئا.

مقامي  زميندارن ۽ علائقي واسين روينيو کاتي جي اهڙي عمل خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي  ۽ ان جو  قانوني رستو به اختيار ڪيو ويو، جنهن موجب  زميندارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي . احتجاجي تحريڪ جڏهن زور پڪڙيو ۽ روينيو کاتي جي اهڙي عمل خلاف هر جاءِ تان آواز اٿڻ شروع ٿيو ته سنڌ حڪومت ان تي رسمي طور پاڻ کي آجو قرار ڏئي سينئير ميمبر بورڊ آف روينيو مٿان سموري وذميداري وجهي ڇڏي، جنهن بعد  کيس ھٽايو ويو، سرڪار جي اهڙي ڪارروائي تي احتجاج تحريڪ  ته  ٿڌي ٿي وئي، پر اتان جي زمينن جا کاتن بدلائڻ وارو عمل ڳجهه ڳوهه ۾ جاري رکيو رهيو ۽ هاڻي مقامي زميندارن جي سمورين زمين جو رڪارڊ گم ڪيو ويو آهي. اهڙي صورتحال جي نتيجي ۾ ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ ۾ روينيو کاتي وٽ زمينن جو ڪنهن به قسم جو ڪو به ڪاغذ نٿو ملي ڇاڪاڻ جو  روينيو کاتي پاران زمينن جون سمورو رڪارڊ ئي گم ڪيو ويو آهي، ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جي زمينن جا کاتا گم ڪرڻ ۽ تبديل ڪرڻ پٺيان  کي ڪجهه ڌريون ذوالفقار آباد جي رٿا سان  جوڙين ٿيون.

هتان جون زمينون مقامي ماڻهن کان ڦري اهي نئين سر  نيلام ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي.  هتي پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي. هتان جي زميندارن کي تنگ ڪري تباهه ڪرڻ جي سازش رٿي وئي آهي، ته جيئن زميندار پنهنجا فائيل ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪري ڀڄي وڃن. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب   ڪيٽي بندر  تعلقي جي 15 ديهن، وٺيون، ھڏن واري ڇڇ، پير ڪجريو، جمناسر، ڄاماڻي، جتوئي، ابراهيم شاھ، کيرسر، حنب سم، مورانجهر ، مجاوو، خليفا، جنگي سر ۽ گهوڙاٻاري جي زمينن  جي کاتن کي ري رائيٽ ڪرڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. جنهن تي مقامي زميندارن جا خدشا وڌي ويا. جنهن ڪري حقيقي زميندارن ۾ بي چيني پکڙيل  آھي. ڪيٽي بندر جي 47 ديهن مان هن وقت صرف 11 ديهن ۾ زمين آباد ٿئي ٿي.

هتي جي سمورن ماڻهن دارومدا ر به انهن ديهن تي آهي انهن علائقن ۾  ئي باقي  انساني آبادي موجود آھي. 40 ديهون سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. کارو ڇاڻ جي 43 ديھن مان به ھن وقت صرف 7 ديھن تي زمين آباد ٿئي ٿي ۽ انسان رھن ٿا. اهڙي طرح ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ جي 6 لک 95 ھزار ايڪڙ زمين مان ھن وقت لڳ ڀڳ اڍائي لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي ۽ اتي ئي انساني آبادي به  آهي،

4 لک 45 ھزار ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آهي.90 ديھون ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ جون ھيون، جن مان ھن وقت 18 ديھون باقي موجود آهن، ھڪ طرف سمنڊ تيزي سان زمينون ڳڙڪائيندو اچي ته ٻئي طرف ھٿ سان  پاڻي بند ڪري زمينن کي سڪائي تباهه ڪيو پيو وڃي.مقامي ماڻهن ۽ اصل زميدارن جي دانهن آهي ته انهن جي زمين جي حقيقي  مالڪن جا کاتا جعلي قرار ڏنا پيا وڃن.

هي گهڻو ڌيان طلب معاملو آهي، جنهن ڏانهن سرڪار گهربل ڌيان نه ڏئي ڪري  ماڻهن جي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي، جنهن بابت عرصي کان شڪايتون به  اينديون رهيون آهن، اهو عين ممڪن آهي ته اتي جو اهم  مسئلو سمنڊ ۾ پاڻي جو ڇوڙ ٿيڻ هجي جيڪو ڏکيو حل ٿئي پر هن سمنڊ سان جهيڙيندڙ انسانن جي دانهن کي سنڌ سرڪار کي ورنائيندي ان جي حل واسطي عملي اپاءُ وٺڻ گهرجن جيئن مقامي ماڻهن جي بي چيني کي ختم ڪري  سگهجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.