ڇا! ملڪي اسٽيبلشمينٽ سياسي پارٽيون ٺاهيندڙ ۽ ڊاهيندڙ نه رهي آهي…؟

تحرير : مظهر خاصخيلي

هن وقت آخر اهڙي ڪهڙي نوبت اچي وئي آهي. جو فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار کي اهو چوڻو پئجي ويو آهي.ته نواز شريف سان ڊيل ناهي ٿي،۽ شام ٿيندي ڪجهه چينل ڪجهه ادارن جي خلاف ڳالهائڻ شروع ٿا ڪري ڇڏين انهن کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ جي خلاف اهڙي ٻولي نه ڳالهائڻ گهرجي. هيءُ چيل لفظ صحيح آهن يا غلط ان جو فيصلو هميشه اسان وٽ تاريخ ڪيو آهي. ۽ هاڻي به ان جي مٿان ٿا ڇڏيو باقي جنهن ملڪ اندر سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي پنهنجي فيصلن  ۾ رمارڪس ڏيندي چوڻو پئجي وڃي ته  اسلام آباد ۾۽ سڄي ملڪ اندر قانون نالي ڪابه شي ءِ نظر نٿي اچي ،ائين لڳي ٿو ته رياست جو ڪوبه وجود ناهي.

هيءَ ڳالهه ڪو عام ماڻهو نٿو ڪري جا وري ڪنهن سياسي پارٽي جا اڳواڻ چون ٿا ان ڪري هن ملڪ جي هر اداري سميت سگهارين ڌرين سميت سياسي پارٽين جي اڳواڻن  کي سوچڻ گهرجي ته هن وقت پيداٿيل صورت حال جنهن مان ملڪ جي عدليا کي به ائين ڇو؟ محسوس ٿي رهيو آهي. ته اسان جنهن ملڪ ۾ رهون ٿا ان کي هلائيندڙن جي غلط پاليسين جي ڪري رياست کي ناڪام سڏيو ٿو وڃي ۽ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ هر وقت پنهنجي مفادن جي لاءِ سياسي پارٽيون ۽ ليڊرٺاهيندي رهي آهي ۽ هتي اصل عوام مان ڪڏهن به ڪنهن سياسي پارٽي جا وري ليڊر کي مٿي اڀرڻ ان جي ڪري ناهي ڏنو ويو جو اسان جي اسٽيبلشمنٽ کي انهن ليڊرن مان وڏو خوف آهي ڪٿي اهو جيڪي عوام مان ۽ عوام جا ليڊر هنن پاران ٺاهيل سموري نظام کي ويڙهي اصل عوامي راڄ قائم نه ڪري ڇڏين ان جي لاءِ هر واري عوام سان ويساهه گهاتي ڪئي ويندي آهي.

رياست جڏهن شديد بحران جي ور چڙهندي آهي ته پوءِ اتي سمورو معاشرو به تباهه و برباد ٿي ويندو آهي، ان کي بچائڻ لاءِ ڪي منصوبا ڪي پلان ڪي رٿون ڪي فيصلا ڪي ترڪيبون جوڙي رياست کي ان بحران مان ڪڍڻ لاءِ ڪي داناءَ ماڻهو ئي فيصلا ڪندا آهن ته جيئن سمورو معاشرو تباهي ۽ بربادي کان ۽ سمورو سماج بچي سگهي ڇو ته انساني فطرت تحت سماج کي دائم ۽ قائم رکڻ لاءِ سماج جي بهتري لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ وٺڻ ئي رياستي حڪمرانن جو فرض هوندو آهي پر بدنصيبي سان ڏٺو وڃي ته پاڪستاني رياست اندر جيڪو هن وقت مالي سياسي توڙي قومي حوالي سان تهذيبن جو ٽڪراءُ نظر اچي پيو ان جو ذميوار ملڪ اندر وقت جو هر حڪمران پوءِ چاهي اهو جمهوري هجي چاهي اهو آمريتي !. ان ڪري جو پاڪستان ٺهڻ سان جيڪڏهن قومن، تهذيبن، تمدن ۽ ٻولين جي وجود کي تسليم ڪيو وڃي ها ته اڄ هيڏو سارو بحران جيڪو هر دور ۾ ڪر کنيو بيٺو آهي اهو جنم نه وٺي ها پر اهي پاليسيون جيڪي انساني جياپي لاءِ ضروري هونديون آهن اهي ڪڏهن به نه جوڙيون ويون پر انسان جي تباهي لاءِ هر وقت رٿون جوڙيون ويون ان منفي پاليسين ذريعي سامراجي قوتن جي فرمائش تي عوام مٿان جيڪو دٻاءُ وڌو ويو ۽ ان کي غلام رکڻ لاءِ وڌيڪ سازشون ڪيون ويون اهو ئي سبب آهي اهي ئي پاليسيون آهن جن جي منفي سوچ جي ڪري اڄ سمورو ملڪي عوام ٻٽنگو ڦاٿل نظر اچي پيو ۽ هر ماڻهو پريشان حال ڪرپشن کان وٺي ناانصافي تائين جيڪي به هن وقت دانهون ڪيون پيون وڃن ان ۾ اهي سياسي توڙي غير جمهوري ڌريون به ذميوار آهن جن پنهنجي خواهشن کي پوري ڪرڻ لاءِ جن پنهنجي اقتداري هوس کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به عوام جي ڀلي لاءِ نه سوچيو آهي.

پاڻ جيڪڏهن ٿورو ماضي ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ۽ 1990 واري دور جي تاريخ پڙهنداسين ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ جو سمورو چهرو سامهون اچي ويندو ۽ اصل خبر پئجي ويندي ته جن ڌرين غلام مصطفيٰ خان جتوئي کي نگران وزير اعظم بڻائي جهڙي نموني سان چونڊون ڪرايون هيون ۽ ميان نوازشريف کي ملڪ جو پهريون دفعو وزيراعظم بڻايوهوان کان پوءِ کيس وري جهڙي طرح اقتدار کان پري ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ کي تحريڪ انصاف جهڙي پارٽي پيدا ڪرڻي پئجي وئي ۽ کيس اقتدار ۾ آڻي ڇڏيو جو اڄ .حڪمران پريشان به آھن ته کين اهو به يقين آھي ته ڳجها هٿ سندن نقصان ٿيڻ نه ڏيندا ڇو جو انهن جو مفاد به هن حڪومت سان ئي سلهاڙيل آھي .تنهن ڪري حڪومت اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي ته پاڪستان جو سياسي نظام عمران خان جي خواهشن جي عين مطابق ئي هلندو. آئيني شقون ۽ رسمون توڙي قاعدا ان ڏس ۾ صرف هڪ واريءَ جي ڀِت آهن. پارليامينٽ ذريعي قانون سازي به لازمي ناهي. صدر جي صحيح سان جاري ٿيل آرڊيننس سان ڪم هلائي سگھجي ٿو. عمران خان حڪومت جي سياسي مخالفن جي نگاھ سان ڏسو ته لاڏلي جون من مانيون مادراڻي شفقت سان برداشت ڪيون پيون وڃن. پر معاملو ايترو سادو ناهي. عمران خان ۽ ان جي جذباتي حامين کي پڪو يقين آهي ته پراڻي پاڪستان ۾ آئين ۽ قانون چورن ۽ لٽيرن کي مدد مُهيا ڪندو هو. اصولي ۽ صاف سٿري سياست کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪجھه نئون ڪرڻو پوندو. 1990 جي ڏهاڪي کان اسان وٽ تاثر عام ٿي چڪو آهي ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ ويٺل ماڻهن جي اڪثريت بي ايمان آهي. اهي لکين رپيا خرچ ڪري چونڊجي ايوانن تائين پهچندا آهن. اتي پهچڻ کانپوءِ چونڊن دوران ٿيل خرچ پورو ڪرڻ کان سواءِ ايندڙ چونڊ وڙهڻ لاءِ به رقم جي ڳولا ۾  رهندا آهن. مٿئين ايوان لاءِ ٿيندڙ چونڊ ان ڏس ۾ رونق ڀريل سيزن لڳائي ڇڏيندي آهي. سياسي پارٽين جون قيادتون سينيٽ ۾ وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ ذهين ۽ محنتي ڪارڪنن کي ٽڪيٽ ڏيڻ بدران انهن ماڻهن کي نوازڻ کي ترجيح ڏينديون آهن جيڪي انهن جي عيش ڀريل زندگيءَ جا خرچ کڻندا آهن. ڪو مالدار شخص انهن قيادتن کي رام ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ته اهي آزاد حيثيت ۾ سينيٽ لاءِ چونڊجڻ جي ڪوشش شروع ڪري ڇڏيندا آهن. سياسي پارٽين جي ٽڪيٽ تي چونڊيل ماڻهن سان سڌي ريت سودي بازي ذريعي مٿئين ايوان ۾ پهچي معزز ۽ باوقار ٿي ويندا آهن. ووٽ جي خريد ۽ وڪري بابت پکيڙيل ڪوڙين سچين ڪهاڻين اسان جي پڙهيل لکيل وچولي طبقي جي اڪثريت کي اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته سينيٽ جي خالي ٿيندڙ سيٽن تي چونڊ ڳجھي راءِ شماريءَ بدران کليل هجي.

سياسي پارٽين کي هر صورت ۾ انهن جي حيثيت مطابق حصو ملي. عمران خان روايتي سياست جي خلاف اڀرندڙ ڪاوڙ کي ڀڙڪائيندي ئي اقتدار ۾ آيو آهي. باقي ويچاري عوام کي ڪير سمجهائي ته هن ملڪ اندر هميشه ايوانن کي سگهاري ڌرين پنهنجي آڱر جي اشاري سان هلايو آهي. باقي ملڪ جي سياست مٿان پنهنجو نظرون رکيو ايندڙ تجزيي نگارن جو چوڻ آهي ته جهڙي نموني سان سينٽ جي ايوان اندر مخالف ڌر جي ميمبرن جو تعداد 57 هجڻ باوجود جڏهن ته حڪومت جماعت ۽ ان جي اتحادين جو سينٽ اندر تعداد 42 هجڻ جي باوجود سينٽ جو چيئرمين حڪومت پنهنجو چونڊرائي وئي ۽ ان تي مخالف  ڌر جي پارٽين ڪجهه به نه ڪيو

موجوده تحريڪ انصاف جي حڪومت مٿان جيستائين سگهارين ڌرين جو هٿ آهي. ان وقت تائين کين ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگهي ۽ اهي ساڳيون ڌريون آهن جن مخالف ڌر جي چونڊيل نمائدن کي ايوان اندر اچڻ کان جهلي ڇڏيو جاوري ڪڏهن ووٽ پنهنجي مرضي موجب وجهرايو آهي.باقي هن ملڪ جي عوام جي بدقسمتي اها آهي.ته هتي جيڪا حڪومت ايندي آ هي.اها صرف پهرين  گزري ويل حڪومت کي سمورن مسئلن جو ذميوار سڏيندي آهي. جيئن اهڙو عمل موجود تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ موجود وزير اعظم عمران خان ٻن سالن کان هن ملڪ جي سموري خراب صورت حال ۽ معشيت جو ذميوار اڳين حڪومت کي سڏي ٿو جڏهن ته سچ اهو آهي ته سندس حڪومت گزريل ٽن سالن اندر هن ملڪ اندر ڪنهن به اداري ۾ ڪنهن به قسم جا سڌارا ناهي آڻي سگهي جنهن جي ڪري ملڪ جي معشيت اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خراب آهي .ان ڪري مسڪين ماڻهو تمام تڪليف ۾ زندگي گزارڻ تي مجبور آهي. ان ڪري اهوئي سبب آهي جو ملڪ عوام بار بار ڳالهه ڪري ٿو هتي اقتدار ۾ اها پارٽي ايندي آهي. جنهن جي مٿان شفقت هٿ اسٽيبلشمينٽ رکندي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.