هت ڪو سيڙپ ڪاري ڇو ڪري ؟

تحرير :علي حسن

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تازي دوري دوران دبئي ۾ انويسٽمينٽ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سيڙپ ڪندڙن کي دعوت ڏني آهي ته سيڙپ ڪار پاڪستان اچن ۽ سيڙپ ڪاري ڪن، سنڌ خاص ڪري ڪراچيءَ ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جاوسيع موقعا موجود آهن، هن گولڊن جوبلي تي عرب مارات کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان جو عوم هميشه يو اي اِي، سان گڏ بيٺل رهيو آهي،اوهان سڀني کي دعوت آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري جي موقعي مان فائدو وٺو،سنڌ خاص ڪري ڪراچي  ۾ پبلڪ پارٽنر شپ جا وسيع موقعا آهن. هن چيو ته  نجي شعبي کي  پاڻي صاف ڪرڻ جي منصوبن ۾به  سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا،سمنڊ جي پاڻي صاف ڪرڻ جو دبئي کي خاص تجربو آهي. بلاول طرفان اها دعوت واکاڻ جوڳي آهي،پر سيڙپ ڪرڻ جي دعوت ڏيڻ کان اڳ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرور ت آهي،

ڇا ڪو خاص ڪري عرب امارات سان تعلق رکندڙ سيڙپ ڪار پاڪستان ۾ سيڙپ ڪندو.هتي اهڙي صورت هجي جو  هن کي هڪ کان ٻئي دفتر جو چڪر  لڳائڻو پوي، هن کي سيڙپ ڪاري جو  جوڳو معاضو حاصل نه ٿئي،هن کي هر دفتر ۽ آفيسر جي فرمائش پوري ڪرڻي پوي. زمين کان  وٺي ،بجلي،پاڻي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن جي ڪري دفترن جو چڪر لڳائڻو پوندو آهي. اڻ ڳڻيا مثال آهن جو پاڪستان ۾ چين جي شهرين سميت سيڙپ ڪندڙن سمورن ماڻهن کي عملي طور تي اذيت واري صورتحال مان گذرڻو پوي ٿو. هڪ پاسي اهي سيڙپ ڪرڻ اچن ٿا ته ٻئي پاسي هنن کي فرمائشن ئي منهن ڏيڻو پوي ٿو،جڏهن وري فرمائشون پوريو نٿيون ٿين ته انهن جي هر ڪم ۾ رڪاوٽ پئجي ويندي آهي. اهو ڄاڻيندي به ته ڪو پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري ڪري احسان ڪري رهيو آهي، ڇا پاڪستان ۾ سيڙپ ڪاري سولو ڪم آهي.ڇا منافعي وارو ڪاروبار آهي. ماضي ۾ ڪافي  ماڻهون جيڪي خوشي مان سيڙپ ڪرڻ آيا هئا.پر جڏهن انهن کي تجربو ٿيو ۽ غير ڪاروباري مطالبن کي منهن ڏيڻو پيو،ته انهن هن ملڪ مان واپسي ۾ عافيت ڄاتي. انهن ملڪن جا سمورا ماڻهون جن وٽ سرمايو موجود آهي،۽ اهي پنهنجي سرمائي کي استعمال به ڪرڻ چاهين ٿا،پر پاڪستان ۾ سڙپ ڪرڻ جي لاءِ سوچين ئي نٿا، هر قدم تي عدم تعاون جي ڪري دل کڻي ويا ۽ واپس وڃڻ بهتر ڄاتو.

خود پنهنجي صوبي ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي.پرانهن ٿرپارڪر ۾ کاري پاڻي کي پيئڻ جي قابل بڻائڻ جي لاءِ جيڪي ست سئو جي لڳ ڀڳ آر او پلانٽ لڳايا هئا. انهن جي اڪثريت ناڪاره ۽ استعمال ڪرڻ جوڳي نه آهي.انهن تي رڳو ڌيان ۽ مرمت جي ضرورت آهي،صحت واري شعبي جي جيڪا مايوس ڪندڙ حالت آهي اها ڪنهن کان لڪيل نه آهي،خود پنهنجا اربين روپيا خرچ ڪري به ڪم نه ڪرائي سگهيا ته پوءِ اهڙي لاپرواهي ، غير ذميواري ۽ ڪاهل پسندي کي ڏسندي ڪو غير ملڪي ڇو سيڙپ ڪندو. حيدرآباد کان ميرپورخاص تائين ٻه طرفي روڊ جي تعمير  هڪ ڪوريا جي ڪمپني ڪئي آهي. ان کي هر  موقعي تي مشڪل کي منهن ڏيڻو ٿو پوي. سرڪاري دفتر هجن يا انتظامي آفيسر سڀئي لا تعلق رهن ٿا ۽ انهن جي مدد لاءِ موجود ناهن هوندا.اهڙي  صورت ۾ ڪو ڇو پاڪستان ۾ سيڙپ ڪندو. سرمايو ته ڪنهن جو به هجي، گهڻو  حساس هوندو آهي، ان کي جتي خطرو محسوس ٿيندو آهي اهو  ڦُر ڪري اڏامي وڃڻ ۾ دير نه ڪندو  آهي.

امارات جي حڪمرانن ۽ سرمائيدارن جي علم ۾ اها حقيقت ڇو نه هوندي ته پاڪستانين جو ڪيتري وڏي تعداد انهن جي ملڪ ۾ جائيدادون خريد ڪري رکيون آهن. ايف بي آر، هڪ اڳوڻي چيئرمين شبر زيدي جي مطابق دبئي ۾ جائيداد ۾ ٻيو نمبر وڏا سرمائيدار  پاڪستاني آهن.انهن جو سرمايو بلين ڊالرز ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.جيڪي ماڻهو ٻاهر سيڙپ ڪري سگهن ٿا ته انهن جي پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپ ڪرڻ ۾ ڪهڙي ڳالهه رڪاوٽ آهي.هو ايئن ڇو نٿا ڪن.دبئي هجي يا امارات جو ڪو ٻيو شهر  اتي پاڪستانين جون جائيداد سميت ٻيا ڪاربار به آهن، پاڪستان جا اڪثر سياستدانن، آفيسرن، اڳوڻن آفيسرن جيان پئسا ٻاهرين ملڪن جي جي بينڪن ۾ پيا آهن يا وري سيڙپ ڪاري ۾ لڳل آهن. نواز شريف ۽ آصف زرداري انهن جو تمام وڏيون رقمون ٻاهرين ملڪ ۾ موجود آهن.خود بلاول جي والد محترم  هڪ وڏي رقم جي سيڙپ امارات ۾ ڪري رکي آهي. هو پنهنجي ملڪ ۾ سيڙپ ڪرڻ کان ڊنل آهي.ظاهري سبب عدم تحفظ آهي. پر ٻين ماڻهن کي  پاڪستان ۾ سيڙپ ڪرڻ جي  دعوت ڏيندو پيو ڦري.

هڪ اڳوڻو وزير اعظم شوڪت عزيز  پاڪستانين کي اها دعوت ڏيندي نه پئي ٿڪيو ته پنهنجا پئسا پاڪستان آڻيو ۽ سيرپ ڪاري ڪريو.اهي ماڻهون شوڪت عزيز کان وڌيڪ عقلمند هئا جن زباني ڪلامي طور ها ۾ ها ملائي وڌيڪ ڪجهه به نه ڪيو. شوڪت عزيز خود پنهنجا پئسا ٻاهرين بينڪن ۾ رکيا هئا ۽ هتي ٻين کي دوکو ڏيندي پئي ڦريو.

صورتحال جي خرابي اها آهي ته پاڪستان جي ڪيترن ئي ماڻهن بنگلاديش ۾ سيڙپ ڪاري ڪري رکي آهي.ان جو چٽو سبب اهو ئي آهي ته اتي انهن جي رقم محفوظ آهي.جيتوڻيڪ بنگلاديشي پاڪستانين کان ناخوش رهندا هئا.پر جڏهن سيڙپ ڪاري جي ڳالهه اچي ٿي ته سڄي ڪاوڙ ختم ٿا ڪري ڇڏين. سموري دنيا جي حڪومتن کي خبر آهي ته انهن جي ملڪ ۾ ٿيندڙ  سيڙپ ڪاري انهن جي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا دروازا کولڻ جو سبب بڻجندي. خبر ناهي ڪهڙو سبب اهي جو پاڪستان حڪومتون ۽ عوام ان ڳالهه کي نٿا سمجهن . هڪڙو ٻيو سبب صاف پڌرو پيو آهي ته پاڪستان ۾ رشوت خوري، ڦرلُٽ، دوکو ڏيڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جو جيڪو رواج آهي ، سموري ڪاروباري دنيا ان کا بي خبر آهي. انهن ملڪن جون حڪومتون انهن جي ملڪن ۾ سيڙپ ڪندڙن کي هر طرح جي سهولت ۽ تحفظ ڏينديون آهن.جنهن ۾ پاڪستان ۾ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ناڪام رهيون آهن.اهي سيڙپ ڪندڙن کي دعوت ڏيڻ وقت يقين ڏيارين ٿيون ته کين ”ون ونڊوآپريشن“ جي سهولت حاصل هوندي، پر عملي طور تي ايئن نه هوندو آهي.جيتوڻيڪ ان جي ضرورت کي خود بلاول پڻ محسوس ڪري ٿو. ان ڪري هن جو چوڻ هو ته يو اي اِي، ۾ پاڪستاني ڪميونٽي سيڙ پ ڪرڻ جي خواهشمند آهي. جنهن جي لاءِ ون ونڊو آپريشن جي سهولت تي ايم او يو، صحيح ٿيو  آهي. جڏهن ان سهولت کي اوهان امارات ۾ قائم ڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي ملڪ ۾ ڇو نٿا ڪريو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.