انور پيرزادو زنده هو، زنده آهي ۽ زنده رهندو

تحرير : زرار پيرزادو

¨ اڄ ترقي پسند اديب، صحافي، دانشور، نقاد،ڀٽائي جي پارکو، سنڌ جي عاشق، مهين جي دڙي جي نگهبان، پاڻ کي سنڌ جو شاگرد سڏائڻ ۾ فخر ڪندڙ، سراپا انقلابي شخص انور پيرزادي جي 15 هين ورسي آهي.

¨ پاڻ آچر جي صبح ساڍي چئين وڳي لياقت اسپتال ۾ سال 2007ع ۾ جسماني طور تي اسان کان وڇڙي ويو ۽ سنڌ جي فخر لائق، عظيم ۽ اڻموٽ فرزند طور پاڻ کي امر ڪري ويو.

¨ هو زنده هو، زنده آهي ۽ زنده رهندو ان ڪري اهڙين شخصيتن جون صرف ۽ صرف زندگيون ئي ملهايون وينديون آهن.

¨ انور پيرزادي کي جڏهن مان ”ترقي پسند“ چوان ٿو ته ان جي معنيٰ اها ٿي ته هُو شخصي طور توڙي علمي ۽ ادبي حوالي ۾ رائج روايتن کي ڇڏي نئين روايتن کي جنم ڏنو، ان حساب ۾ هو حقيقي معنيٰ ۾ ”جديد انسان“ هو.

¨ هُو هر پاسي ۾ غير روايتي هو. هن دنيا جو هوندي به ڄڻ ڪنهن ٻي آدرشي ۽ انقلابي دنيا جو ماڻهو هو جنهن مُنڍ کان ئي دنيا کي زماني جي اکين سان نه ڏٺو، زماني جي ڪنن سان نه ٻڌو ۽ نه ئي زماني جي زبان ڳالهايائين پر هن دنيا کي پنهنجين اکين سان ڏٺو، پنهنجن ڪنن سان ٻڌو ۽ پنهنجي زبان ڳالهايائين ۽ هميشه منفرد ئي ڳالهايائين.

¨ هُو انهن دانشور شخصيتن مان هڪ هو جيڪي جڏهن ڳالهائيندا هيا ته ائين ڀانئبو هو ڄڻ ڪو ڪتاب ڳالهائي رهيو آهي، ڪو لکيل مضمون اظهارجي رهيو آهي. سندس ڳالهين يعني تقريرن ۽ انٽرويوز تي ٻڌل ڪتاب ”انٽرويو ۽ تقريرون“ پڙهي ڏسو ايئن لڳندو ڄڻ سندس اهو ڳالهايل نه پر لکت جو ڪو مواد آهي.

¨ سندس شخصيت تي آيل ڪتاب ”تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن“ ۾ مون پنهنجي پاران لکيو آهي ته: انور پيرزادو صاحب جيئن ته هر دور ۾ غير معمولي صلاحيتن ۽ خيالن جو غير روايتي شخص رهيو تنهن ڪري هو بحيثيت هڪ شخص، اديب، شاعر، نقاد، ڀٽائي جي پارکو، دانشور، صحافي، سياستدان ۽ سماج سڌارڪ طور به غير روايتي رهيو.

¨ هُو پيءُ به هو ته غير رواجي، قيدي به هو ته غير رواجي طور قيد ڪاٽيائين، ڪمپيئر به هو ته غير رواجي، سندس شئين کي ڏسڻ، سمجهڻ ۽ انهن کي اظهارڻ يا لکڻ جو طريقو به غير رواجي هو. عورتن، نوجوانن ۽ ٻارن ڏانهن سندس رويو به غير روايتي هو، ٻيو ته ڇڏيو ڪئنسر جي بيماري يعني موت جي منهن ۾ هوندي به غير روايتي مريض نظر آيو.

¨ انور پيرزادي جي مٿي ڄاڻايل انهن مڙني غير روايتي ۽ غير معمولي پاسن جا تفصيل سندس ڪتاب ”تون ڪيڏو ڏور هليو ويو آن“ ۽ امر پيرزادي جي نئين ڇپجندڙ ڪتاب ”بابا“ ۾ شامل آهن.

¨ اسان وٽ ماڻهن جي مرڻ پڄاڻان ئي ڪم ٿيندو آهي. انور صاحب تي به اصل ۾ سندس وفات جي ٽن ڏينهن کانپوءِ ڪم ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو ۽ ان جي ٽيجهي تي انور پيرزادو اڪيڊمي کي قائم ڪيو ويو جنهن جي تجويز محمد علي پٺاڻ صاحب ڏني هئي ۽ ان ڏينهن کان اڄ تائين هو ان اڪيڊمي لاءِ ڇپر ڇانو بڻيل آهي.

¨ انور صاحب جيئن ته گهڻ رخي ۽ گهڻ صلاحيتي شخصيت هو تنهن ڪري سندس شخصيت توڙي سندس علمي، ادبي، تحقيقي، سياسي ۽ سماجي ڪمن جو مواد به سندس هڪ زندگي کان گهڻو وڏو آهي جنهن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ادارا ئي ڪم ڪري سگهن ٿا.

¨ انور صاحب جي چاليهي تي پهريون سندس مشهور شارٽ ڪالمن ”متان وساريو“ کي ڪتابي شڪل ڏئي پڌرو ڪيو ويو ۽ پوءِ هر سال ڪڏهن هڪ ته ڪڏهن ٻه ڪتاب ڇپائڻ جو سلسلو شروع ٿيو جيڪو اڄ تائين هلندڙ آهي ۽ هن وقت تائين انور پيرزادو اڪيڊمي طرفان انور صاحب جا 16 ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن، ڪن جا ٻيهر ڇاپا آندا پيا وڃن. جڏهن ته مجموعي طور تي انور پيرزادي جي ڪتابن جو تعداد 25 کان مٿي آهي.

¨ انور صاحب کانپوءِ ئي سندس نالي تي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ لائبريري جو بنياد پيو ۽ ڪمپيوٽر سينٽر تي انور پيرزادو رسيورس سينٽر جو نالو رکيو ويو. مهين جي دڙي کان ڳوٺ ٻلهڙيجي ويندڙ رستي کي شاهراهه انور پيرزادو جو نالو ڏنو ويو.

¨ انور پيرزادي جي شخصي ۽ ادبي توڙي صحافتي ڪم تي ڪراچي يونيورسٽي ۽ وفاقي اردو يونيورسٽي جي ٻن شاگردن تحقيقي ڪم ڪيو آهي.

¨ هن سال 25 جنوري تي انور صاحب جي سالگرهه جي موقعي تي انور پيرزادي جي علمي سوانح عمري تي سندس پٽ امر پيرزادي جو يادگار ڪتاب شايع ٿي رهيو آهي جنهن ۾ انور پيرزادي جي سڀني پاسن تي تفصيل سان لکيو ويو آهي.

¨ امر جو اهو ڪم پي ايڇ ڊي جي معيار جو تحقيقي ڪم آهي جنهن ۾ کيس ٽن سالن جو عرصو لڳو آهي. مان سمجهان ٿو ته انور صاحب سان جهڙو انصاف هي ڪتاب ڪندو اهڙو اڃان تائين ڪير به ساڻس نه ڪري سگهيو آهي.

¨ امر جو اهو ڪتاب ”بابا“ هڪ مستند ۽ ريفرنس جوڳو ڪتاب آهي جيڪو انور صاحب کي درست ۽ حقيقي نموني محفوظ ڪري ٿو. ان ڪتاب کانپوءِ ڪنهن به ماڻهوءَ کي انور صاحب بابت شعوري يا لاشعوري طور گمراهه ڪرڻ جي همت نه ٿيندي جو ان ڪتاب ۾ انور صاحب جي شخصيت متعلق پيدا ٿيل يا ٿيندڙ سڀني سوالن جا واضح ۽ چٽا جواب موجود آهن.

¨ تاريخ ۾ ڪنهن کي درست نموني اهو ئي محفوظ ڪري سگهي ٿو جيڪو مثبت سوچ جو هوندو ۽ ڪنهن به تعصب کان مٿانهون هوندو. انور صاحب جي حوالي ۾ اهڙو ڪم امر پيرزادي ڪري ڏيکاريو آهي جنهن جو منظوم اظهار وري محمد علي پٺاڻ انور صاحب جي شخصيت تي لکيل ”ڪوتا ناول“ ۾ ڪيو آهي جيڪو پڻ تيزي سان لکجي رهيو آهي.

¨ انور پيرزادو پاڻ چوندو هو ته منهنجي شاعري سان حقيقي انصاف ناهي ٿيو، ان جو اڀياس ئي ناهي ٿيو. اسان جي خيال ۾ اهو ڪم هاڻي انور پيرزادو اڪيڊمي جي معرفت ٿي رهيو آهي. هاڻي اهو دور آهي جڏهن پاڻ ادارا ٺاهي ڪم ڪجي ٿو تڏهن ٿئي ٿو.

¨ ڪجهه ڏينهن اڳ منظور مارفاڻي صاحب ذاتي طور ”وارهه گريٽئر“ مرتب ڪري ڇپائي پڌرو ڪيو آهي جنهن جي ايڊٽنگ انور پيرزادي صاحب ڪئي هئي جيڪا سندس زندگي جي آخري اسائنمينٽ هئي.

¨ انور صاحب جي زندگي صرف 62 سالن جي رهي پر ان مختصر زندگي ۾ هن الائي ڪيترن جنمن جيترا ڪم ڪيا جن کي سنڀالڻ ۽ سهيڙڻ لاءِ اڪيڊمين ۽ چيئرز قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

¨ هي شخصيتون اهڙيون آهن جيڪي جيئن جيئن وقت گذرندو تيئن تيئن سندن خال وڌندو ويندو، ڊگهو ويڪرو ٿيندو ويندو. سندس ڪم ئي هاڻي سندن زندگي جي متبادل طور جتي ڪٿي پاڻ ڳالهائيندو ۽ اظهاريندو ايندو.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اِها آهي ته انور پيرزادو جيڏو پنهنجي زندگيءَ ۾ فل آف لائيف هو، سرگرم متحرڪ ۽ پرجوش هو تيئن ئي سندس پڄاڻان هُو پنهنجين ورسين، سالگراهن، ڪتابن، انور پيرزادو اڪيڊمي ۽ انور پيرزادو ميلن ذريعي مچندو نظر پيو اچي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.