سي اين جي سيڪٽر کي پنهنجي گئس گهرائڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته سي اين جي سيڪٽر کي پنهنجي گئس گهرائڻ جي اجازت ڏئي رهيا آهيون، ان حوالي سان سمري ڪابينا ڪاميٽي حوالي ڪري رهيا آهيون، سوئي سدرن گئس ڪميٽي جي ايم ڊي ڪميٽي کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ غيرقانوني عمارتن ۾ گئس ڪنيڪشن جا مسئلا آهن، حماد اظهر چيو ته ڪراچي ۾ ساڍا 7 لک غيرقانوني ڪنيڪشن آهن، اوگرا چيئرمين چيو ته غيرقانوني ڪنيڪشن سال ۾ 10 ارب مڪعب فٽ گئس استعمال ڪندا آهن، اسان اهو معاملو سنڌ جي وڏي وزير جي نوٽيس ۾ به آندو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.