پاڪ آرمي پاران بلوچستان جي متاثر علائقن جادورا ، ڪم ۾ مصروف

حب ( رپورٽ ؛ يار محمد بروهي )پاڪ آرمي جي23 اي ڪي ڪي جي ڪرنل امان جي نگراني ۾  پاڪ فوج جي اڻٿڪ محنت سان  گورنمينٽ هايئر سيڪنڊري اسڪول جو رستو هموار ڪيو. پاڪ فوج سر بندن جي مختلف متاثر  علائقن جو دورو ڪري ڀرپور ڪم ۾ حصو ورتو، پاڪ فو جي جوانن مختلف جاين تي بيٺل پاڻي کي ٻاهر ڪڍيو ۽ بند رستن کي اسڪيو يٽر سان روڊ کولڻ ۾ اهم ڪردار اداڪيو، سربندن جي عوام پاڪ فوج جي هن قدم جي ساراهه ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪ فوج سربندن جي عوام سان هر وقت گڏ بيٺل هوندي.

  • ڪراچي ۾ پورهيو ڪندڙ  بدين واسي نوجوان فوت

بدين( ڊ ر) ڪراچي ۾ ڄام ڪنڊو واري علائقي ۾ فيڪٽري جي ٽينڪ جي صفائي دوران فوت ٿي ويل 4 پورهيتن جنهن مان 3  ڄڻن جو اقليتي برادري سان هو جنھن مان بدين شهر جي کوسڪي روڊ تي ڪچرو مل پاڙي جي رهواسي 4 ٻارن جي پيءُ ارجن پٽ ڀاوو ميگهواڙ کي امر رميش چاولا قبرستان ۾ دفن ڪرڻ بعد بدين ۾ سندس تڏو وڇايو ويو پر سندس پوئينرن وٽ ڪو به چونڊيل نمائندو يان سياسي سماجي اڳواڻ لڙي نه آيو آهي.

  • خانپور مهر ۾ وياج جا پئسا نه ڏيڻ تان گهر تي حملو، تشدد، احتجاج

خانپورمهر ( ن ع آ ) خانپورمهر لڳ ڳوٺ گلزار مھر ۾ وياج خورن وياج جا پئسا نه ڏيڻ تي پورهيت جيئل مهر جي گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن مٿان تشدد ڪيو جنهن بعد وياج خور جوابدارن پورهيت جي گهران هڪ مينهن زبردستي ڪاهي فرار ٿي ويا گهر ڌياڻي پيرسن عورت مسمات امينت زال جيئل مهر پنهنجي معصوم پٽ سميت خانپورمهر ٿاڻي تي پهچي وياج خورن خلاف احتجاج ڪيو ان موقعي تي عورت مسمات امينت مهر دانهيو ته جوابدار منير ۽ خان محمد مهر منهنجي مڙس کي وياج تي 58 هزار ڏنا رقم ڏيڻ باوجود هڪ لک پندرهن هزار روپيه وڌيڪ وياج گهري رهيا آهن وياج رقم نه ڏيڻ تي جوابدارن اسان جي گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ ٻارڙن تي تشدد ڪري گهر ۾ بيٺل مينهن ڪاهي فرار ٿي ويا هوڏانهن خانپورمهر پوليس واقعي جي اين سي رپورٽ داخل ڪري ورتي آهي جڏهن ته ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.