قمبر لڳ ارڙي وگھي ھڪ ئي خاندان جا 3 ٻارڙا فوت

قمبر(ت ر)قمبر لڳ ڳوٺ دودو گوپانگ ۾ ارڙي وگهي هڪ ئي خاندان جا ٽي ٻارڙا زندگي جي جنگ هارائي ويا 4 سالن جي علي محمد 6 سالن جو فهد مگسي ۽ 5سالن جو امتياز مگسي ارڙي جهڙي موذي مرض سان جيهڙيندي کي زندگي جي جنگ هارائي ويٺا هڪ ئي گهر مان ٽي جنازه کڄڻ تي ڳوٺ ۾ ڪهرام مچي ويو اهڙي واقعي کانپوءِ ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته آهي ته هن سائنسي ترقيءَ واري دور ۾ به اسين پنهنجي معصوم ٻارڙن جا جنازه ارڙي وگهي کڻي رهيا آهيون حڪومت صحت جي معاملي ۾ اسان غريبن کي سدائين نظرانداز ڪيو آهي هنن صحت واري وزير کان مطالبو ڪيو ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ ارڙي جي بيماري لاءِ مرڪز قائم ڪري وڌيڪ انساني زندگيون بچايون وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.