ڏوڪري ۾ عورتن جي ٿيل پهرين پيغام لطيف ڪانفرنس

تحرير ; رپورٽ: سلما جوڻيجو

سنڌ عورت تحريڪ 22 ڊسمبر تي ڏوڪريءَ شھر ۾ پهرين پيغام لطيف ڪانفرنس صرف عورتن لاءِ منعقد ڪئي۔ ڏوڪريءَ جهڙي شھر ۾ عورتن لاءِ هن قسم جو هي پهريون تاريخي پروگرام هئو، جنهن ۾ عورتن جو وڏو تعداد  شريڪ ٿيو۔

سنڌ عورت تحريڪ ”سنڌ ناري تحريڪ“ جي نالي سان 1985 کان سنڌ جي عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندي رهي ٿي۔ ان سان گڏ سنڌ جي اجتماعي مسئلن تي به جيئي سنڌ محاذ ۽ سنڌ پروگريسيو ڪميٽيءَ سان گڏجي جدوجهد ڪندي ٿي رهي۔ واضح رهي ته سنڌ عورت تحريڪ جو پراڻو نالو ”سنڌ ناري تحريڪ“ هئو جيڪو 2008 ۾ بدلائي ”سنڌ عورت تحريڪ“ ڪيو ويو۔.

سنڌ عورت تحريڪ جو گهڻو ڪم سنڌ جي ٻھراڙين جي عورتن تي آھي ته جيئن اسان جي ٻھراڙيءَ جي عورت کي انفرادي حقن سان گڏ اجتماعي حقن جي سڃاڻپ ٿئي ڇاڪاڻ ته سنڌ عورت تحريڪ جو موقف آھي ته جيستائين عورت بحيثيت انسان پنهنجو پاڻ کي نه  سڃاڻيندي تيستائين قوم ٿيڻ / هجڻ جي به سڃاڻپ نه ٿي سگهندي، ۽ جڏهن سنڌ جي عورت کي قوم هجڻ جي ڊيفينيشن definition سمجهھ ۾ آئي ته قوم جي حقن ۽ ان سان ٿيندڙ زيادتين جي نه رڳو سمجهھ ايندي بلڪه ان لاءِ جدوجهد جي ميدان ۾ به سنڌ جي عورت اڳ کان اڳڀري هوندي۔.

ان مقصد کي سامهون رکندي سنڌ عورت تحريڪ مختلف وقتن ۾ مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ميڙاڪا، پروگرام ۽ احتجاج ريڪارڊ ڪرائيندي رهندي آھي۔ ان ۾ سرفهرست عورتن جو عالمي ڏينهن، مائي بختاور شھيد جي ورسي ۽ سنڌ اندر عورتن سان ٿيندڙ زيادتين خلاف آواز اٿارڻ خاص طور تي اسان جي سنڌي هندو ڀينرن کي اغوا ڪري زوريءَ مذھب مٽرائڻ جي خلاف بک هڙتالون ، مظاهرا ۽ ڌرڻا پڻ ڪندي رهندي آھي۔.

سنڌ جي عورتن جي انهن سمورن مسئلن کي آڏو رکندي گهڻي غور ۽ ويچار کان پو۽ سنڌ عورت تحريڪ طرفان اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي عورت جي آجپي جو جو راز صرف ۽ صرف شاھ لطيف جي پيغام ۾ سمايل آھي۔ ان حوالي سان ڊاڪٽر درشھوار سيد پنهنجي ڪتاب سور ورهايان سرتيون ۾ لکي وئي آھي ته جيڪڏهن سنڌ جي عورت کي دنيا جي عورتن جي اڳواڻي ڪرڻي آھي ته هن کي ڪاڏي پري وڃڻ جي ضرورت ئي نه آھي بس هوءَ شاھ لطيف کي غور سان سمجهي پڙھي ۽ ان تي عمل ڪري ته سنڌ جي عورت دنيا جي صف اول جي عورتن ۾ شمار ٿيندي.

انهيءَ مقصد کي اڳيان رکي سنڌ عورت تحريڪ شاھ لطيف جي پيغام کي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي عورتن تائين پهچائڻ لاءِ پيغام لطيف ڪانفرنس جو سلسلو شروع ڪيو آھي۔ ان سلسلي جو پهريون ۽ شروعاتي پروگرام ڏوڪريءَ شھر کان ڪيو ويو۔ ڏوڪريءَ کان هن سلسلي جي شروعات جو مقصد اهو هئو ته انقلاب لاءِ جدوجهد جي شروعات پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ کان ڪجي ۽ ڏوڪري شھر منهنجو اباڻو ڳوٺ  آهي ان ڪري هن سلسلي جو پهريون پروگرام ڏوڪريءَ ۾ ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته سڄجاڳيءَ جو ڪم جيستائين پنهنجي گهر يا شھر کان نه ڪبو ان وقت تائين سجاڳيءَ جو اصل مقصد حاصل نه ٿي سگهندو۔ دنيا جي ليڊرن  دانشورن ڪم جي شروعات پنهنجي گهر کان ڪئي پر افسوس جو اسان جا ڪي ئي وڏا ليڊر ۽ دانشور دنيا کي سڌارڻ لاءِ ته پنهنجون زندگيون وقف ڪندا آھن ۽ ان تي وڏو وقت ڏيندا آھن پر پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ تي گهٽ ڌيان ۽ وقت ڏيندا آھن هو اتي ساڳي ئي جاگيرداراڻي سوچ رکندڙ ھوندا آھن جيڪا جاگيردارن جي هوندي آھي۔.

سجاڳيءَ جي اصل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ 22 ڊسمبر تي سنڌ عورت تحريڪ طرفان ”پيغام لطيف ڪانفرنس“ منعقد ڪرڻ لاءِ نه رڳو ڏوڪري پر اتان جي پسگردائيءَ وارن ننڍن ننڍن ڳوٺن (ٻلهڙيجي، انڙ جو ڳوٺ، ڳيريلو، وڪڙو، چنا پل تي اڏيل جوڳين جا ڳوٺ، رائيس ريسرچ انسٽيٽوٽ ڏوڪري جي ملازمن جي رهائش  لاءِ اڏيل پاڙو، ڏوڪريءَ ۾ باگڙين ۽ جوڳين جا پاڙا ) ۾ در در تي وڃي عورتن سان ملاقاتون ڪري انهن سان شاھ عبدالطيف ڀٽائيءَ جي پيغام جي حوالي سان ڳالھه ٻولھه ڪري پيغام لطيف ڪانفرنس جا دعوت ناما ڏنا ويا ان ڪم ۾ نجمه جوڻيجو، پرنھ جوڻيجو ۽ طاهره جو ڀرپور ساٿ رهيو ۔.

پيغام لطيف ڪانفرنس ۾ ڏوڪري ۽ پسگردائيءَ جي عورتن جو وڏو تعداد (لڳ ڀڳ 200) شريڪ ٿيو۔ ڪانفرنس جي خاص ڳالھه اها هئي ته پروگرام ۾ خاص مهمان ڪا به نه هئي ان جو سبب طرفان اهو هئو ته شاھ لطيف جو پيغام سنڌ جي هر عورت لاءِ آھي ان ڪري اسان وٽ ايندڙ ھر عورت خاص ۽ قابل احترام آھي ڀلي ان جو تعلق ڪنهن به طبقي، ذات ۽ مذھب سان هجي سڀ کان اڳ هوءَ سنڌ ڄائي آھي۔ ان ڪري اسان اسٽيج تي ڪا به ڪرسي نه رکي وئي ڇاڪاڻ ته هتي ايندڙ سڀ ڀينر خود لطيف جون سورميون ھيون۔.

ڪانفرنس جي شروعات ڀٽائيءَ جي بيت سان ڪئي وئي۔ حاضرين جي آجيان سنڌ عورت تحريڪ ڏوڪريءَ جي ميمبر پرنھ جوڻيجو پنهنجي تقرير وسيلي ڪئي۔ هن چيو ته شاھ لطيف سنڌ جي مظلوم قوم خاطر پنهنجي شاعريءَ وسيلي جدوجهد ڪندي ظالمن ۽ جابرن خلاف پنهنجي سورمين مارئيءَ ۽ سسئيءَ ذريعي آواز  اٿاريو اڄ وقت جي ضرورت آھي ته اسان سڀئي حقيقي مارئي ۽ سسئي بڻجي ڀٽائيءَ جي ڏسيل واٽ تي هلي پنهنجي، پنهنجي ايندڙ نسل ۽ سنڌ جي بقا خاطر جدوجهد ڪيون۔.

سنڌ عورت تحريڪ ڏوڪريءَ جي اڳواڻ طاهره پنهنجي مادري ٻولي اردو ۾ تقرير ڪندي چيو ته سنڌ جي عورت ڀلي ڪهڙي به ٻولي ڳالهائيندڙ ھجي جيڪڏهن اها سنڌ لاءِ لوچي ۽ سوچي ٿي اها سنڌ جي حقيقي ڌي آھي۔ هن وڌيڪ چيو ته شاھ لطيف کي ڪنهن مذھبي شاعر ته ڪنهن ڪامريڊ چيو آھي۔ ڪنهن وري شاھ سائينءَ جي قبر جي مٽيءَ کي پوڄڻ شروع ڪيو آھي ۔ پر اسان شاھ لطيف تي غور ۽ فڪر ڪرڻ کان پوءِ چئون ٿا ته ڀٽائي سنڌ جو پهريون فيمنسٽ شاعر هئو جنهن عورت جي شاعريءَ کي محبوبه جي زلفن، اکين ۽ چپن جي خوبصورتيءَ مان ڪڍي هڪ هيروئن طور پيش ڪيو جيڪا مسلسل جدوجهد جي علامت آھي اها جدوجهد ڌرتيءَ لاءِ هجي يا وري انفرادي ۽ اجتماعي حقن جي جدوجهد۔.

سنڌ عورت تحريڪ راڌڻ جي اڳواڻ رشيده جوڻيجو ڪانفرنس سان ڳالهائيندي چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آھي ته سنڌ جي عورت شاھ سائينءَ کي سمجهي پڙھي ۽ دنيا جي صف اول جي عورتن ۾ شامل ٿئي ۔ اڄ اسان وٽ ڪڏهن نائله رند، ڪڏهن نمرتا چنداڻي ، نوشين شاھ ته ڪڏهن صائمه جروار جهڙيون ناريون بي گناه قتل ڪيون ٿيون وڃن ته ڪٿي اسان جي ماءُ ۽ ڀيڻ کي ڪاري ڪري قتل ڪيو ٿو وڃي سو اچو ته شاھ لطيف جي واٽ وٺون ۽ ان جي پيغام تحت سنڌ کي سنوارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيون۔

سنڌ عورت تحريڪ ڏوڪريءَ جي اڳواڻ نجمه جوڻيجو ڳالهائيندي چيو ته لطيف جو پيغام بين القواميت جو پيغام آھي، لطيف جو پيغام سنڌ جي عورت لاءِ سنڌي عورت وسيلي آھي شاھ لطيف سنڌ جي عورت کي به حيثيت انسان پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ لاءِ ٿو چوي ته جيئن هوءَ سڄي دنيا جي عورتن جي اڳواڻي ڪري سگهي ۽ دنيا جي خوشحالي ، امن ۽ آجپي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي۔.

ڪانفرنس ۾ سنڌ عورت تحريڪ جي صدر سلما جوڻيجو ڳالهائيندي چيو ته ڏوڪريءَ جي جاگيرداراڻي ماحول ۾ جتي عورت مرد جي مرضي بنا ۽ ان کان سوا۽ گهر جي چائنٺ به ٽپي ناهي سگهندي اتي اڄ هن پروگرام ۾ عورتن جو هيترو وڏو تعداد شريڪ ٿيڻ ان ڳالھه جي نشاندهي آھي ته سنڌ خاص طور تي ڏوڪري شھر جون عورت جاگيرداراڻي سوچ ۽ نظام کي شڪست ڏيڻ لاءِ پهريون قدم کڻي چڪي آھي ۽ شاھ لطيف جي واٽ تي هلڻ لاءِ تيار آھي۔ ڪانفرنس ۾ ننڍڙين ارشاد جوڻيجو ۽ ايلسا ڪولاچي ويچار ونڊيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت رڳو اها نه آھي ته سال ۾ هڪ دفعو ڪلچر ڊي تي سنڌي وڳا ۽ اجرڪ ٽوپيون پائي جهمريون هڻجن۔ اسان جي اصل ثقافت اها آھي ته اسان ڀٽائيءَ کي سمجهون، پڙھون ۽ زندگيءَ جي هر پل ۾ ان تي عمل ڪيون۔ ڪانفرنس دوران مختلف ٽيبلو به پيش ڪيا ويا ۽ شاھ لطيف جي ستن سرن ۾ ڏنل پيغام جو مختصر تعارف به پيش ڪيو ويو ۽ راڌڻ اڳواڻ رشيده جوڻيجو وائي پيش ڪري محفل کي جهومائي ڇڏيو۔ ڪانفرنس جي پڄاڻي تي ”سنڌ پري“ خاڪو پيش ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ عورت تحريڪ ڪراچي جي سلما جوڻيجو  ۽ ڏوڪريءَ جي قاضي ڪوثر پرفارم ڪيو ان کان پوءِ سنڌ عورت تحريڪ ڏوڪري يونٽ جو باقاعدي اعلان ڪيو ويو۔ ڪانفرنس ۾ شريڪ مختلف عورتن جا ويچار هئا ته اسان وٽ هن نوعيت جو پهريون پروگرام ٿيو آھي اسان کي ان ڳالھه جي به خوشي آھي ته ڏوڪريءَ جي ڇوڪرين هن سخت جاگيرداراڻي ماحول کي شڪست ڏيندي پنهنجي ڀينرن لاءِ هي انمول پروگرام ڪيو آهي جيڪو ڏوڪريءَ جي تاريخ ۾ پهريون پروگرام هئو اسان وڌ کان وڌ شريڪ ٿي هن کي وڌيڪ تاريخي بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ۽ اميد ڪيون ٿا ته سنڌ عورت تحريڪ هن قسم جا مختلف پروگرام ڪرائيندي رهندي ۽ موهن جي دڙي جي وارثياڻين کي سجاڳ ڪرڻ ۾ پنهجو ڪردار نڀائيندي۔ .

پروگرام ۾ موجود عورتن جي اصرار تي فيصلو ڪيو ويو ته هتي هر سال عورتن جا مختلف پروگرام ڪيا ويندا ۔ پروگرام جي آخر ۾ محفل موسيقيءَ جو به انتظام ٿيل هئو جيڪو ڪجھه سببن ڪري ملتوي ڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.