علم انسان جي ضرورت آھي

تحرير : قمرالنساءِ ٽالپر

تعليم ھر دور ۾ انسان جي ضرورت رھي آھي ۽ ھر  دور جون پنھنجون حالتون ۽ تقاضائون به ھونديون آھن; انھن کي نظر ۾ رکندي تعليم ڏيڻ ۽ وٺڻ جي اھميت ۽ افاديت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي. سھولتن آڌار   ھر دور ۾علم پرائڻ  ھر فرد جو حق رھيو آھي ۽ اھي سھولتون ڏيڻ  وقت جي اعليٰ حڪام جي ذميوارين ۾ شمار ٿئي ٿو…

مڃون ٿا ته قديم روايتن ۾ صرف شاھوڪارن ۽ حاڪمن لاءِ تعليم مخصوص ھوندي ھئي. ڪتب خانن تائين رسائي ڪنھن غريب لاءِ ڄڻ  ڪنھن ديواني جو خواب ھوندو ھو، پر وري به علم جا اڃايل غربت ۽ قسمت سان جھڙيندي علم حاصل ڪري وٺندا ھئا.بلب جو موجد ٿامس ايڊيسن، ريڊيو جو موجد گگليلمو مارڪوني ۽ امام غزالي جھڙو غريب  به علم کان وانجھيل نه رھيا، انھن ۽ اھڙن گھڻن پنھنجي ذھانت، علم ۽ ھنر جي کاڻين مان گھڻن کي ٽٻيون ھڻائي سيراب ڪيو…

اڄ اسان جيوت آھيون گلوبل وليج نما ھن دنيا جا ۽ھڻ دور کي اسان ٽيڪنالاجي جو دور به چئون ٿا، جيڪو مقابلي جو دور به آھي. اھڙي چٽاڀٽي ۽ ترقي جي دور ۾ به ڪنھن جو تعليم کان محروم رھڻ وڏي بدقسمتي چئبي!

اسان وٽ تعليم کان محرومي جا ڪيئي ڪارڻ آھن! ڏک جھڙي ڳالھه اھا آھي ته موجوده حالتون به اسان جي ٻارن جي تعليم لاءِ سازگار ناھن! ھڪ ته ڪووڊ 19 سبب تعليم تعليمي سرشتي کي وڏو نقصان پھتو آھي، گھڻو زور آنلائن تعليم تي آھي، جنھن لاءِ ليپ ٽاپ موبائل فون وغيره ھجڻ ضروري آھي. جيڪو ھر غريب ٻار افورڊ نه ٿو ڪري سگھي!! ٻهراڙين ۾ بجلي ۽ نيٽ جو نه ھجڻ يا پھچڻ به وڏو آزار بڻيل آھي… مٿان وري ستم ظريفي مدي خارج نصاب جي آھي! جيڪو اسان جي ٻارن کي محقق، تاريخدان، سائنسدان، فلسفي ۽ سڪالر بڻائڻ جي قابل بلڪل ناھي… ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ  جي ھن تيز ترين دور ۾ اسان جي ٻارن کي ريڊيو، ٽيليوزن، ٽيليگرام وغيره متعلق پڙھايو وڃي ٿو. ياوري  من پسند ۽ من گھڙت تاريخ پڙھائي وڃي ٿي!… جيڪو به ڪجھه پڙھايو وڃي ٿو ان لاءِ ڏينھن رات ھڪ ڪري مارڪس حاصل ڪرڻ لاءِ رٽو لڳائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو… تعليم جو مقصد اسان وٽ ڪجھه پرائڻ ھنڊائڻ ۽ ورھائڻ جي بجاءِ ذريعئه معاش بڻجي ويوآھي!!! انھيءَ لاءِ اسان وٽ تعليم کي شاگردن جي ذھنن   تي مڙھيو  وڃي ٿو…سڄو ڌيان ميرٽ تي آھي. سب ڪجھه آبجيڪٽو نموني جو ٿي چڪو آھي. تخليق کي اھميت ئي ڪانھي! پنھنجين صلاحيتن کي اڀارڻ ۽ ڪجھه نئون ڪري ڏيکارڻ جو موقعوئي نه ٿو ملي! شاگرد ڪھڙين صلاحيتن جو مالڪ آھي !؟ اھو پرکڻ ۽ سمجھڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿي ڪئي وڃي!..

اڃان وڏا ڪلور ته اسڪولن کي گودام بڻائيندڙ وڏيرن، ڳوٺاڻن ۽ ٻارن جي مستقبل سان راند ڪندڙ گوسڙو استادن ڪيا آھن! ! انھن جي ور چڙھيل بار انگريزي، حساب ۽ سائنس ته ٺھيو پر مادري سنڌي ٻولي به سولي پڙھي نٿا سگھن ڪجھه اھڙائي ٻار اڳتي ڊگريون وٺي  سفارشن تي  ٻھراڙي جي اسڪولن ۾ استاد مقرر ٿي ٻارن جي بھتر تعليم و تربيت جي حقن جي لتاڙ ڪن ٿا!!!

سرڪاري اسڪولن جي نظام جو ٻيڙو ٻڏل ھجڻ سبب پرائيوٽ اسڪولن پنھنجي دڪانداري خوب چمڪائي آھي. سرڪار عام مزدور جي به اجرت پندرھن ھزار مقرر ٿيڻ جي باوجود به  ھڪ ذھين پر مجبور استاد جي پگھار ڏھ ھزار کان مٿي ڏيڻ لاءِ راضي ناهي! جڏھن ته ٻارن جي والدين کان ڳريون فيون وٺن ٿا…!!! ھاڻي اسان سڀني کي اک پٽڻي پوندي!  جيڪڏهن اھڙا  ڪلور ٿيندا رھيا سنڌ امڙ جي ٻچن سان، ته ڪو وقت ايندو جو چئبو  ”ھئي سنڌ ۽ سنڌي قوم ۽ سندن مٺڙي ۽ پياري سنڌي ٻولي“!

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.