سنڌ ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي داخلا ئون روڪڻ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان ميڊيڪل ڪميشن جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي خط لکي صوبي ۾ خانگي ميڊيڪل  ڪاليجن کي داخلا روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، پي ايم سي جو چوڻ آهي ته يونيوسٽي جو پرائيويٽ ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن لاءِ جاري ڪيل اشتهار آئين ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪم جي ڀڃڪڙي آهي، ياد رهي ته پي ايم سي ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا لاءِ 65 سيڪڙو مارڪون کڻڻ لازمي قرار ڏنو آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت 50 سيڪڙو مارڪون کڻندڙن کي داخلا ڏيڻ جي منظوري ڏني آهي. واضح رهي ته سنڌ ۾ سرڪاري ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخلائن جو مرحلو مڪمل ٿي ويو آهي، جڏهن ته خانگي ادارن ۾ داخلائن جو عمل جاري آهي، داخلائن جي نگراني جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جو وي سي ڪري رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.