بدين جي شوگر ملن ڪمند جا اگهه ڪيرائي ڇڏيا، آبادگارن کي ڪروڙن جو نقصان

بدين (رپورٽ: رازق ڏنو کوسو ) بدين ضلعي جي شگر ملن ڪمند جو اگھه ڪرائي ڇڏيو 340 روپيا في مڻ ڪمند ڏيڊ مھيني کان کڻندي گذريل رات کان 250 روپيا في مڻ ڪري ڇڏڻ سبب آبادگارن ڪمند جي ڪٽائي بند ڪري ڇڏي، باواني شوگر مل تلھار آرمي شوگر مل بدين ۽ انصاري شگر مل پاران في مڻ 90 روپيا ڪيرائڻ سبب  آبادگارن پاران ڪمند جي ڪٽائي به بند ڪري ڇڏي آھي، بروڪرن پاران  مل جي ڏنل اگهھ کان به زميندارن کان گھٽ اگهھ تي ڪمند کڻڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، شگر ملن پاران ھٿ وٺي آبادگارن سان ظلم جي انتھاءُ ڪري ڇڏي آھي، باواني شگر مل تلھار لڪ چپ ۾ ڪجهھ زميندارن کان 350 تائين ڪمند کڻڻ جو به انڪشاف ٿيو آھي، ننڍن آبادگارن لاءِ ريٽ گھٽ ڪري 250 روپيا في مڻ جي حساب سان ڪمند خريد ڪري رھي آھي، ڪمند جو ريٽ ڪرائڻ سان ننڍن آبادگارن ڪمند جي ڪٽائي بند ڪري ڇڏي آھي، جڏھن ته شگر ملن تي ڪمند جو اگهھ ڪرڻ سبب ڪمند جي ڪٽائي نه ٿيڻ سبب شگر ملون نوڪين ٿي ويون آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.