ڪشمور ۾ ڀاڻ بليڪ تي وڪرو، آبادگارن جو احتجاج

ڪشمور( ڊر )ڪشمور ۾ آبادگارن ڀاڻ جي بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڀاڻ ڊيلرن ۽ ڊي سي طرفان مقرر فوڪل پرسن خلاف روينيو آفيس آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آبادگارن اظهار رضا کوسو، محمد علي کوسو، عبدالحميدکوسو ۽ ٻين دانھيندي چيو ته ڪشمور ۾ ڀاڻ جون ايندڙ گاڏيون آبادگارن ۾ نيلام ڪرڻ بدران فوڪل پرسن ڀاڻ من پسند ڊيلر کي ڪميشن عيوض ڏيئي رهيو آهي، آبادگارن الزام لڳائيندي چيو ته ڊي سي ڪوٽا ۾ آيل يوريا ڀاڻ جون سوين ٻوريون آبادگارن ۾ 1770 رپين ۾ نيلام ڪرڻ بدران ڀاڻ ٽريڊر وجي ڪمار کي منتقل ڪيون ويون جنهن کان في ٻوري تي 7 سئو رپيا ڪميشن وصول ڪري آبادگارن سان ويڌن ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي کي ڪيترائي ڀيرا نشاندهي ڪرائي آهي پر مقرر ڪيل فوڪل پرسن ڀاڻ ڊيلرن سان ملي ڀڳت ڪري ڀاڻ جا ٽرالر ٽريڊنگ ڪندڙ واپارين کي ڏيئي رهيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.