نيب آفيسرن سپريم ڪورٽ کان لکت ۾ معافي وٺي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ لکت ۾ معافي گهرڻ تي نيب آفيسرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو، سپريم ڪورٽ  ۾ نيب آفيسرن جي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. نيب آفيسرن عدالت جي احاطي مان جوابدارن جي گرفتاري تي غير مشروط معافي گهري ورتي، ٻڌڻي دوران جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته عدالتي احاطي جي توهين تي آفيسرن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي. نيب جي وڪيل درخواست ڪئي ته جوابدار غير مشروط معافي گهرن ٿا. هاڻ ائين نه ٿيندو. جنهن کان پوءِ سپريم ڪورٽ لکت ۾ معافي گهرڻ تي نيب آفيسرن خلاف توهين عدالت جو ڪيس ختم ڪري ڇڏيو، ياد رهي ته نيب مضاربه اسڪينڊل ۾ ملوث نجي ڪمپني جي مالڪ سيف الرحمان کي سپريم ڪورٽ مان گرفتار ڪيو هو جنهن جو عدالت پاران نوٽيس ورتو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.