وفاقي وزيرن پاران سنڌ جي مڪاني نظام واري بل تي خدشا ظاهر

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزيرن سنڌ جي مڪاني نظام واري بل کي ڪارو قانون قرار ڏئي ڇڏيو، رپورٽ موجب وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف سنڌ جي صدر علي زيدي سان وفاقي وزير ميان محمد سومرو ۽ امين الحق ملاقات ڪئي، وزيرن سنڌ جي مڪاني ترميمي بل تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو، علي زيدي چيو ته سنڌ جي مڪاني نظام واري بل ذريعي پ پ ادارن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلز پارٽي مڪاني نه پر بدديانتي جو بل پيش ڪيو، پيپلز پارٽي جي ڪاري قانون خلاف سڀني کي ملي جدوجهد ڪرڻي پوندي، پيپلز پارٽي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي بدران ان جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي، پيپلز پارٽي کي ٽف ٽائيم ڏيڻ جي لاءِ تحريڪ انصاف اتحادين سان گڏ ميدان ۾ آهي. صوبي مٿان حڪمراني ڪندڙن کي حساب ڏيڻو پوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.