سون تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز رد، حڪومت عوام تي بار وجهڻ ٿي چاهي

اسلام آباد (م ڊ) ايف بي آر ملڪ ۾ ساليانو 80 ٽن سون اسمگلنگ ذريعي درآمد ٿيڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. سينيٽر طلحه محمود جي صدارت هيٺ ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايف بي آر چيئرمين ڊاڪٽر محمد اشفاق بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪوشش آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي، آءِ ايم ايف هر ٻن سالن بعد اچي اسان کي ڊڪٽيٽ ڪري ٿو ته ٽيڪس نظام کي ٺيڪ ڪيو، پهرين جولاءِ کان ٽيڪس جو فعال نظام شروع ٿي ويندو، ٽيڪس نظام ۾ موجود خرابين کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، رياست وٽ وسيلا ناهن، رياست پنهنجي پيرن تي بيهي نٿي سگهي، پارليامينٽ جا ميمبرز  رياست جي آمدني وڌائڻ لاءِ تجويزون ڏين.  سينيٽر فاروق نائيڪ چيو ته پارليامينٽ جا ميمبر رياست ۽ عوام وچ ۾ هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، حڪومت سڌو سنئون ٽيڪس وصولي نه وڌائي رهي آهي، حڪومت ٽيڪس ذريعي عام ماڻهن تي بار وجهي رهي آهي، ڪاروباري برادري کان فڪسڊ ٽيڪس وٺڻ بابت نٿو سوچيو وڃي، حڪومت جي خرچن کي ڪنٽرول نٿو ڪيو وڃي، ملڪي برآمد گهٽ ۽ درآمد وڌيڪ آهي. ڪميٽي ماچس تي ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تجويز ۽ سون، ڊائمنڊ ۽ جيولري تي 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي تجويز رد ڪري ڇڏي. اجلاس ۾ انڪشاف ٿيو ته ملڪ ۾ ساليانو 80 ٽن سون اسمگلنگ ذريعي درآمد ٿيندو آهي، ايف بي آر ميمبر اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ساليانو 160 ٽن سون استعمال ۾ ايندو آهي، 80 ٽن سون مختلف ملڪن مان اسمگلنگ ذريعي اچي ٿو، پاڪستان ۾ سون جي مارڪيٽ لڳ ڀڳ 2.2 ٽريلين رپيا آهي، ايف بي آر ۾ رڳو 29 ارب رپيا گولڊ مارڪيٽ ڊڪليئرڊ آهي. گولڊ ايسوسيئيشن جي اختيارين چيو ته رڳو سون نه پر ڊائمنڊ به اسمگلنگ ذريعي اچي رهيو آهي. پاڪستان ۾ سون درآمد ڪرڻ بابت ڪا به پاليسي ۽ ٽيڪس نظام ناهي، 36 هزار سون جو ڪم ڪندڙن مان رڳو 54 گولڊ سمٿ ٽيڪس ڏيندا آهن. واپار واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ هو ته سون ڪمرشل بنيادن تي درآمد ڪرڻ جي اجازت ناهي، سون درآمد ڪرڻ جي لاءِ ڊالرز جو بندوبست پاڻ ڪرڻو پوندو آهي، جنهن تي ڪميٽي جو چوڻ هو ته سون اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين ناڻي واري وزير جي غير حاضري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ مني بجيٽ رد ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي. طلحه محمود چيو ته ناڻي وارو وزير ٻڌائي ته ڪميٽي جي تجويزن کي مڃيو وڃي ٿو يا نه؟ ڪميٽي جا 14 ميمبرز موجود آهن پر ناڻي وارو وزير گم آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.