جماعت اسلامي جو ترميمي بل خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو فيصلو

ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پاس ڪيل مڪاني ترميمي بل خلاف  احتجاج جو دائرو سڄي سنڌ ۾ وڌائي ڇڏيو، جمعي ۽ آچر تي ڪراچي کان ڪشمورسموري سنڌ ۾احتجاجي مظاهرن،ڌرڻن ۽ احتجاجي ڪئمپن لڳائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.اهڙو فيصلوجماعت اسلامي سنڌ جي امير محمد حسين محنتي جي صدارت هيٺ قباء آڊيٽوريم ۾ ڪوٺايل سنڌ جي اعلي سطحي هنگامي اجلاس ۾ ڪيوويو.سنڌ جي امير اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ اسيمبلي ٻاهران لڳل احتجاجي ڌرڻو عوام جو آواز آهي.پ پ بلدياتي ادارن ۽ عوامي نمائندن جا آئيني حق غصب ڪرڻ بدران غيرآئيني بل کي واپس وٺي.8ڏينهن کان اسيمبلي آڏو لڳل ڌرڻي وارن سان سنجيده ڳالهيون ڪري جمهوري انداز سياست کي هٿي ڏي. 18هين ترميم تحت وفاق کان صوبن کي اختيارته منتقل ٿيا پربدقسمتي سان پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت بلدياتي ترميم ذريعي مڪاني اداران توڙي نمائندن کي مالي ۽ انتظامي طور بي اختياربڻائي ڇڏيو آهي. انڪري اسان گهر ڪريون ٿا ته ڪراچي کان ڪشمور سڄي سنڌ جي مڪاني ادارن ۽ چونديل نمائندن کي پنهجا آئيني حق ڏنا وڃن. اڄ جمعي 7 جنوري تي امير جماعت اسلامي سراج الحق ڪراچي پهچي ڌرڻي کي خطاب ۽ اهم اعلان ڪندو. برسات ۽ ٿڌ باوجود ڪارڪنن ۾ جوش ڏسڻ وٽان هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.