سينارٽي نظر انداز، جسٽس عائشا سپريم ڪورٽ جي پهرين عورت جج طور مقرري جي سفارش

اسلام آباد/ ڪراچي(م ڊ + رپورٽر) جڊيشل ڪميشن آف پاڪستان لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عائشا اي ملڪ جي سپريم ڪورٽ ۾  مقرري جي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ڪالهه چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس عمر عطا بنديال، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ جسٽس سردار طارق سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ جسٽس عائشا ملڪ جي ترقي کي  4 جي ڀيٽ ۾ 5 ووٽن جي اڪثريت سان منظور ڪيو ويو، جڊيشل ڪميشن پاران جسٽس عائشا ملڪ جي نالي جي سفارش بعد ڄاڻايل معاملو حتمي منظوري جي لاءِ ججز مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي کي اُماڻيو ويو، جي سي پي جي سفارش بعد جسٽس عائشا ملڪ سپريم ڪورٽ ۾ ملڪ جي پهري عورت جج بڻجي ويندي، هي ٻيو موقعو آهي جو جي سي پي جسٽس عائشا ملڪ جي ترقي تي فيصلو ڪرڻ جي لاءِ اجلاس ڪوٺايو، گذريل سال جي سي پي جي هڪ اجلاس دوران اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب اهو معاملو دير جو شڪار ٿي ويو هو، ٻي طرف سينيئر ججن کي نظرانداز ڪري لاهور هاءِ ڪورٽ جي جونيئر جج جسٽس عائشه ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ خلاف پاڪستان بار ڪونسل، سپريم ڪورٽ بار، سنڌ بار ڪائونسل، هاءِ ڪورٽ بار، ڪراچي بار ۽ ملير بار سميت ملڪ جي سمورين بار ڪونسلن ۽ بار ايسوسيئيشنز پاران احتجاج ڪندي عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو، ان دوران وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا، عدالتن جي دروازن کي تالو لڳايا ويا، وڪيل اڳواڻن جو چوڻ هو سينارٽي کي نظر انداز ڪري هڪ جونيئر جج عائشا اي ملڪ کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪيو پيو وڃي جيڪا آئين جي ڀڃڪڙي آهي، هنن چيو هن وقت ملڪ ۾ سينيئر ترين جج چيف جسٽس سنڌ جسٽس احمد علي شيخ آهي پر ان کي ايڊهاڪ جج رکڻ جي لاءِ تيار آهن پر مستقل جج مقرر نه ٿو ڪيو وڃي، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، اسان جو احتجاج جاري رهندو، هنن چيو ته اسان عورت جي مقرري جي خلاف نه آهيون پر سينارٽي کي نظر انداز نٿا ڪرڻ چاهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.