ڊيل قبول ناهي، وڏي وزير جا 10 لک نه کپن، ڄام ڪريم کي گرفتار ڪريو: شيرين جوکيو

ڪراچي (رپورٽر) شهيد ناظم جوکيو قتل ڪيس جي جوابدارن کي گرفتار نه ڪرڻ جي صورت ۾ وارثن ٻيهر احتجاج جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهيد جي گهرواري شيرين جوکيو، امڙ ۽ ڀاءُ افضل جوکيو چيو ته ڄام ڪريم سميت روپوش جوابدارن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي، اسان کي ڪا به ڊيل قبول ناهي، شيرين جوکيو چيو ته ڪيس جي 10تاريخ تي ٻڌڻي آهي، ڄام ڪريم جيڪڏھن قتل ۾ ملوث ناهي ته لڪي ڇو پيو، شيرين جوکيو چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير جي مهرباني جنهن ڏھ لک روپيا ڏنا، جيڪي مان استعمال ئي ناهن ڪيا، پر مونکي پئسا نٿا گهرجن، انصاف گهران ٿي، اسان جي ڳوٺ جا ڪجهه ماڻهو سوشل ميڊيا  تي ڌمڪيون پيا ڏين، ناظم جوکيو جي امڙ چيو ته ناظم جوکيو ڪيس تان کڻڻ لاءِ پئسن جي آڇ ٿئي پئي جيڪا قبول ناهي، جوابدار گرفتار ڪريو نه ته ٻيهر احتجاج ڪنداسين، افضل جوکيو چيو آهي ته پوليس نياز سالار کي گرفتار نٿي ڪري، آءِ جي سنڌ تي افسوس آهي جيڪو تڏي تي به نه آيو، پ پ جو ڪارڪن آهيان، ڄام اويس جي ميمبر شپ معطل ڪئي وڃي، ساجد جوکيو اسان جي مدد ڪري پيو، افضل جوکيو چيو ته وفاقي حڪومت مدد ڪري پر سياست نه ڪري، وزيراعلي سنڌ جو شڪر گذار آهيان جيڪو تڏي تي آيو ۽ جي آءِ ٽي به جوڙي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.