ڪارونجهر معاملو نيب موڪلڻ جي تنبيهه، ڪرپشن ٿي آهي: عدالت

مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ڪارونجهر ڪٽائي ڪيس، ننگر جي عدالت ۾ ٻُڌڻي، معدنيات کاتو رڪارڊ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام، ڊپٽي ڊائريڪٽر بنا رڪارڊ جي خالي هٿين پيش، عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊي جي معدنيات کي 13جنوري تي رڪارڊ سميت طلب ڪري ورتو، شوڪاز نوٽيس جاري، خبرموجب ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي واري ڪيس جي ڪالھه ننگرپارڪر جي جُڊيشل مئجسٽريٽ سيد ڪرم علي شاھ جي عدالت ۾ اهم ٻُڌڻي ٿي، ٻُڌڻي دوران منرل ۽ مائنز کاتو ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت جاري ڪيل ليزن جي حوالي سان رڪارڊ پيش نه ڪيو، ٿرپارڪر جو ڊپٽي ڊائريڪٽر صديق منڱريو بنا رڪارڊ جي خالي هٿين پيش ٿيو، عدالت پاران رڪارڊ نه آڻڻ بابت سخت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي معدنيات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صديق منڱريو رپورٽ پيش ڪندي عدالت کي ٻُڌايو ته ڪارونجهر جي ڪٽائي وارو ڪم بند ڪرايو آهي،ڪارونجهر جي ليزن وارا دستاويز ڊائريڪٽر جنرل معدنيات آفيس ۾ پيل آهن، ڊائريڪٽر جنرل اسان کي هن وقت تائين ڪي به دستاويز ناهن ڏنا، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر جنرل معدنيات کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ 13 جنوري تي ڊائريڪٽر جنرل کي ذاتي حيثيت ۾ دستاويزن سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حُڪم ڏئي ڇڏيو آهي، ڊي جي معدنيات کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ عدالت ڄاڻايو آھي ته توهان کي مشروط حڪم U/S 133 Cr.PCin جي ذريعي هدايت ڪئي وئي هئي، حفاظتي عدالتي ڪارروائي نمبر 21/2021 ليز معاهدي بابت جمع ڪرائڻ لاءِ، سروي، حدون ان جي شرطن سميت، ماحولياتي تحفظ جي ايجنسين، جهنگلي جيوت کاتي، ٻيلي کاتي، ثقافت ۽ سياحت واري کاتي ۽ پاڪستان جي دفاع واري وزارت کان ورتل اين او سي، جيڪي ڪم شروع ڪرڻ کان پهريان لازمي شرط آهن، جيڪڏهن ڪنهن کي قانوني طور تي اجازت آهي ۽ توهان کي اهو رڪارڊ پڻ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ته جوابدار نمبر 1 ۽ 2 کي برقرار رکڻو پوندو u/s 58 SCMR، 2002 پر توهان ڊپارٽمينٽ جي بااختيار اٿارٽي هجڻ جي ڪري مٿين حقيقتن کي سامهون نه آندو آهي، جنهن جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ جي نيت سان ڪميونٽي انتهائي سنگين معاملي تي وڏي پئماني تي بحث ڪيو ويو آهي،لڳي رهيو آهي ته توهان اهو مواد لڪائي رهيا آهيو، جنهن ۾ ملوث ماڻهن جي خلاف ڪرپشن ۽ بدعنواني جي عملن جو ثبوت آهي ۽ سرڪاري خزاني ۽ سرڪاري ملڪيت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو آهي، ان ڪري هن نوٽيس ذريعي توهان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته دير ۽ غيرفعال ٿيڻ جو معقول سبب ڏيکاريو، توهان 13جنوري تي ذاتي طور تي عدالت ۾دستاويزن سميت پيش ٿيو، ٻي صورت ۾ مٿي ڄاڻايل ايڪٽ شيڊول ٿيل ڏوهن جي ذميواري جي تعين ۽ سرڪاري خزاني ۽ عوامي ملڪيت کي وڏو نقصان پهچائڻ جي الزام لاءِ معاملو قومي احتساب بيورو حوالي ڪيو ويندو، مئجسٽريٽ ۽ عدالتي حڪم تي ۽ بغير ڪنهن ناڪامي جي مٿين معاملي ۾ سبب ۽ تفصيلي رپورٽ جو جواب جمع ڪرايو، تنهن ڪري توهان کي هدايت ڪئي وئي آهي ته ذاتي طور تي 13جنوري تي پيش ٿيو، ٻُڌڻي دوران سول جج سيد ڪرم علي شاھ رمارڪس ڏيندي چيو ته آئون عوام جي پئسن مان پگھار کڻندو آھيان، عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ منھنجي قانوني ذميواري آھي، جنھن کي قانوني طور ئي حل ڪري سگھجي ٿو، ڪارونجھر صرف ننگرپارڪر وارن جي نه پر سموري سنڌ جو اثاثو آھي، ڪارونجھر جي ڪٽائي جو سموري سنڌ کي افسوس آھي، اخبارن ذريعي مونکي ڄاڻ پئي آھي ته مقامي ماڻھن سان گڏ پوري سنڌ جا ماڻهو روڊن رستن سان گڏ سوشل ميڊيا تي به احتجاج پيا ڪن، عدالت منرلز مائنز جي ڊائريڪٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته اھو اوھان جي ذميواري آھي ته سڀ کان پهرين اوھان ڪارونجهر جي ڪٽائي کي روڪيو، اسان سڀني کي قانوني ۽ ائيني حدن جي اندر ھن عوامي مسئلي کي حل ڪرڻو پوندو، ٻڌڻي دوران ڪارونجهر جو پٿر کڻندڙ ڪمپنين ايف ڊبليو او ۽ ڪوهنور ڪمپني جو وڪيل برڪت ميتلو عدالت ۾ پيش ٿيو، جنھن پنھنجا جواب داخل ڪرائيندي چيو ته معاملو ھاءِ ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي،اسان اُتي به پنهنجا جواب داخل ڪرايا آهن، ٻڌڻي دوران فاريسٽ، لائيو اسٽاڪ ۽ ثقافت کاتي ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت اين او سي نه ڏيڻ بابت رپورٽون عدالت ۾ جمع ڪرايون، فاريسٽ آفيسر ڪاشف شيخ پيش ٿي چيو ته اسان جي ڊپارٽمينٽ ڪنهن کي به ڪو اين او سي ناھي ڏني، ثقافت کاتي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪيلاش ڪمار جواب داخل ڪرائيندي لکيو ته ثقافت کاتي ڪارونجھر جي ڪٽائي جي ڪنهن کي به اين او سي ناھي ڏني، اسان ڪارونجھر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ يونيسڪو کي لکي ڇڏيو آھي، چوپائي مال جي پالنا واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر گوردن داس جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته ڪارونجھر چوپائي مال ۽ جنھنگلي جيوت جي پالنا لاءِ اھميت رکي ٿو، پارڪر جي چوپائي مال جو گذر سفر جو ذريعو واحد ڪارونجھر آهي، اسان ڪنھن کي به ڪارونجھر جي ڪٽائي جو اجازت نامو ناھي ڏنو، ٻڌڻي دوران ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر ۽ مختيارڪار ننگرپارڪر پيش نه ٿيا، نه وري پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو  اظهار ڪندي اڄ تائين رپورٽ گھرائي ورتي ۽ ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.