چيف جسٽس اڄ مٺي پهچڻ جو امڪان

مٺي(رپورٽ: غازي بجير) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد جي اڄ شام مٺي پهچڻ جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن، ٻُڌايو  پيو وڃي ته چيف جسٽس گلزار احمد اڄ شام مٺي ريسٽ هائوس پهچجندو،جتي رات ترسڻ بعد سڀاڻي 8 جنوري تي بار ايسوسيئشن جي دعوت ۾ شريڪ ٿيندو،چيف جسٽس جي دوري بعد سنڌحڪومت جي مڪمل مشينري هڪ هفتي کان ٿر ۾ لٿل آهي، مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ننگرپارڪر ۽ ڏيپلو جي اسپتالن ۽ شهرن جي روڊن تي رنڱ روغن، صفائي، فرنيچر، دوائن سميت پيور بلاڪن وارو روڊ ٺاهڻ لاءِ 20 ڪروڙ خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.