ڪارونجهر جي حفاظت ڪرڻ پهرين ترجيح آهي: ڊي جي معدنيات

مٺي: معدنيات کاتي جي ڊائريڪٽر جنرل عمر فاروق بلو پنهنجي فيسبڪ پيج تي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته ڪارونجھر، جاگرافيائي، ثقافتي،  مذهبي، تاريخي ماحولياتي ۽ جذباتي قدرن سان مالامال آهي، مون برساتي موسم ۾ سيڪريٽري معدنيات ۽ ٻين آفيسرن سان گڏ ڪارونجھر جي مختلف سائيٽن جو دورو ڪيو، ٿرپارڪر جي خوبصورت منظرن کي ڏسي ڏاڍو مزو آيو، ڪارونجھر، وڏي جاگرافيائي، ثقافتي، مذهبي، تاريخي، ماحولياتي ۽ جذباتي قدرن سان مالا مال آهي، جنهن کي ماڻهو صدين کان پيار ڪندا آهن، ڊائريڪٽر جنرل آف مائنز اينڊ منرل ڊولپمينٽ جي منهنجي سرڪاري حيثيت کان علاوه ان جي حفاظت ڪرڻ ۽ ان بابت عوامي جذبن جو احترام ڪرڻ منهنجي ۽ منهنجي ٽيم جي اولين ترجيح آهي، ڪارونجھر اسان جو تاريخي ۽ ثقافتي اثاثو آهي ۽ سنڌ جي سڃاڻپ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.