اومي ڪرون وڌڻ لڳو، لاڪ ڊائون لڳي سگهر ٿو: عذرا پيچوهو

حيدر آ باد (رپورٽر) ملڪ ۾ ڪورونا جي خطرناڪ قسم اومي ڪرون جا تيزيءَ سان ڪيس وڌڻ سبب ئي وري سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون هڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. سنڌ جي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو حيدرآباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي ڪيسن جو انگ 170 ٿي ويو آهي ۽ اسپتالن ۾ مريضن جي انگ کي ڏسندي لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪورونا وائرس جا روز تقريبن 500 ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، سڀني ڪيسن جي جينومڪ سيڪونسنگ نٿا ڪري سگهون، ٻاهرين ملڪن کان ايندڙ ماڻهن کي ڪورونا هجڻ جي صورت ۾ جينومڪ ڪري رهيا آهيون. ڊاڪٽر عذرا پيچوهو چيو ته والدين 12 سالن کان وڌيڪ عمر جي ٻارن کي ڪورونا ويڪسين لڳرائن، ڪورونا وائرس ۽ ان جي نئين قسم اومي ڪرون کان بچڻ لاءِ ايس او پيز تي عمل ضروري آهي، ٿي سگهي ٿو اسان کي سمارٽ لاڪ ڊائون جي ضرورت پئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.