سنڌ ۾ برسات جاري، ملڪ ۾ وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (رپورٽر) سنڌ سميت ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جاري آهي، ٻيو سسٽم پهچڻ سبب موسميات کاتي سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي وڌيڪ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهندي  هوائن جو سلسلو بلوچستان ۽ ڀر وارن علائقن ۾ شدت اختيار ڪري رهيو آهي، جيڪو سڄي ملڪ ۾ وڏي پئماني تي تيز برساتن جو سبب بڻجي رهيو آهي. هوڏانهن ڪراچي ۾ ڪالهه به بوندا باندي جاري رهي. حيدرآباد دادو، جوهي، ڪاڇي، گورک، ميهڙ، سامونڊي پٽي ۾ هلڪي توڙي تيز برسات جاري رهي. برسات جي بهاني انتظاميا بجلي فراهمي بند ڪري ڇڏي . 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.