في الحال لاڪ ڊائون لڳائڻ جو ڪو ارادو ناهي: اسد عمر

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي وزير اسد عمر ڪورونا جي صورتحال تي في الحال لاڪ ڊائون جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. صحافين سان  ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته في الحال ڪورونا جي نمبرن کي ڏسي رهيا آهيون ۽ ان حوالي سان پاڪستان سميت سموري دنيا تي نظر آهي. هن وقت ويڪسينيشن تي زور آهي، اسد عمر چيو ته اومي ڪرون جي وڌندڙ پکيڙ تي ڪيسن جي نگراني ڪئي پئي وڃي في الحال لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه ارادو ناهي، واضح رهي ته گذريل ڪجهه ڏينهن کان پاڪستان ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسز جي شرح ۾ تيزي سان اضافو نظر اچي رهيو آهي جنهن سبب ڪيسز جي شرح تقريبن اڍائي سيڪڙو جي ويجهو پهتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.