ملير ڀرسان قاتل گرفتار، پئسا وٺي قتل ڪرڻ جو انڪشاف

ملير (ڊ ر) شاهه لطيف پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي ٻه ڏينهن اڳ سڳي ڀائرن سميت ٽن شهرين مٿان فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن 04 جنوري 2022 تي ٻن ڀائرن ۽ ٽن  شهرين جي مٿان فائرنگ ڪري زخمي ڪيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ زخمي ٿيل نوجوان محمد شفيق زخمن جا سور نه سهندي فوت جڏهن ته ٻن زخمين جو علاج جاري آهي، ان حوالي سان ايس ايس پي ملير سيد عرفان بهادر صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار جوابدار 4 جنوري تي ٻن ڀائرن ۽ ٽن شهرين مٿان فائرنگ جي متعلق پئسا وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي، گرفتار جوابدارن پئسا وٺي قتل ڪرڻ کان علاوه اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ به ملوث آهن، گذريل سال به گرفتار جوابدار شاهه فهد قائدآباد ۾ شهري اعجاز کي دشمني تي قتل ڪيو هو، گرفتار جوابدار جو ساٿي فرار آهي. جنهن جي گرفتاري لاءِ ڳولا جاري آهي، گرفتار جوابدار مختلف وارداتن ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف پڻ ڪيو آهي، پوليس طرفان وڌيڪ جاچ ڪري پئي، فائرنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار به هٿ ڪري ورتو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.