ڀاڻ، ڪمند ۽ ڪڻڪ مافيا آبادگارن جو معاشي قتل عام ڪيو: اياز پليجو

حيدرآباد (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو آھي ته يوريا ڀاڻ، ڪمند ۽ ڪڻڪ مافيا آبادگارن کي معاشي طور تباهه ڪري ڇڏيو آهي،  پاڪستان جو عوام ڪرپشن ۽ انتھاپسندي جي ڪري عدم تحفظ جو شڪار آھي، بلدياتي اليڪشن لاءِ نفرت جي سياست کي ھٿيار نه بنايو وڃي مسئلو بيڊگورننس ۽ ڪرپشن جو آھي،  تباھي جا ذميوار اڳوڻا ۽ موجوده حڪمران آھن، ڪرپٽ ۽ آزمايل حڪمرانن سان مقابلي لاءِ بلدياتي اليڪشن ۾ نوجوان اڳتي اچن، اليڪشن جي تياري ڪئي وڃي، اياز لطيف پليجي چيو ته سڄي سنڌ جي تعليم تباهه آھي، ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي نوجوانن کي مين پڙي، گٽڪي، چرس، آئيس ۽ ٻي منشيات جي ور چاڙھي ڇڏيو آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.