صنعان قريشي قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ سرگرم

وڳڻ ( پ ر )جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي قبيلائي جهيڙن جي خاتمي لاءِ سرگرم ٿي ويو، وڳڻ جي ڳوٺ چوديرو ۾ڪورين ۽ بروهين ۾ هلندڙ تڪرار جي خاتمي لاءِ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، مرڪزي  ترجمان ديدار شام، ڪلچر سيڪريٽري ڏاڏو اطھر سومرو، ضلعي چيف آرگنائزر مختيار پنهور سان گڏ شهيد بشير خان قريشي سردار الطاف تنيو وٽ پهچي ويو، ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي چيو ته سنڌ جو وجود خطري ۾ آهي، سنڌ خاصر جهيڙا ختم ڪري متحد ٿيڻو پوندو، ٻي صورت ۾ سنڌ جو وجود بچائي نه سگهنداسين، جنهن تي الطاف تنيي موٽ ڏيندي چيو ته اهو اسان جو ڀاڳ آهي، جو اسان وٽ شهيد بشير خان قريشي جو پٽ هلي آيو آهي، جلد ڌرين سان رابطو ڪري ڪورين ۽ بروهي جو نبيرو ڪيو ويندو، ٻي پاسي جسقم سربراهه ٿرڙي هاشم پهچي صحافي عمران تنيو جي ڀاءُ عدنان تنيو جي وفات تي تعزيت پڻ ڪئي،  ان موقعي تي جي ايم وڳڻ، اسد الله تنيو، ڊاڪٽر امان الله پنهور ۽ ٻيا موجود هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.