قازقستان ۾ فورسز سان چڪريون، 30 ڄڻا مارجي ويا، 2 هزار گرفتار

الماتي (م ڊ ) قازقستان ۾ سيڪيورٽي فورسز سان  جهڙپ ۾ 30 ڄڻا مارجي ويا آهن. الماتي کان عرب ميڊيا موجب، جهڙپ ۾ زخمين جو انگ سئو تائين پهچي ويو آهي. عرب ميڊيا ٻڌايو ته قازقستان جي شهر الماتي ۾فسادن جي سلسلي ۾ 2,000 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. حراست ۾ ورتل ماڻهن تي سرڪاري ملڪيتن تي حملا ڪرڻ ۽ بدانتظامي ڪرڻ جا الزام آهن. عرب ميڊيا موجب قازقستان جي اختيارين صورتحال سبب پرڏيهين جي ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. واضح رهي ته قازقستان ۾ گئس جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج جاري آهي، جنهن سبب سڄي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.