ڀارت ۾ اومي ڪرون سبب پهريون موت

نئين دهلي (م ڊ ) ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي ڏکڻ آفريقي ويرينٽ اومي ڪرون سبب پهرين فوتگي سامهون اچي وئي.ڀارت جي صحت واري وزارت اومي ڪرون سبب 74 ورهين جي شهري جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، جنهن جو واسطو راجسٿان رياست سان هو.صحت واري وزارت موجب اومي ڪرون  جو متاثر شخص شوگر سميت ٻين بيمارين ۾ مبتلا  هو. ڀارت ۾ هيل تائين اومي ڪرون وائرس جا گڏيل طور 2630 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ڪالهه ڪورونا وائرس جا 90 هزار ڪيسز سامهون آيا، جيڪي ڀارت ۾ ڪورونا وائرس جي نئين لهر جي علامت آهن. ڀارت ۾گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 325 مريض فوت ٿيا، جن مان هڪ مريض اومي ڪرون سبب فوت ٿيو. ڀارتي ميڊيا ٻڌايو ته اومي ڪرون سبب متاثر مريض 15 ڊسمبر تي اسپتال  ۾ داخل ٿيو ۽ 15 ڏينهن تائين زندگي ۽ موت جي جنگ وڙهندو رهيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.