ادب سماج کي پرکڻ جو تمام وڏو هٿيار آهي، گرامر تي ڪم ڪرڻو پوندو

ڪراچي (رپورٽر) ادب سماج کي پرکڻ جو تمام وڏو هٿيار آهي. 75 سالن ۾ ادب سنڌي سماج ۾ نوان معيار طئي ڪيا آهن، ادب ۽ سماج کي الڳ نٿو ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار محققن، اديبن، دانشورن ۽ استادن پاران ڪراچي يونيو ورسٽي جي سنڌي شعبي جي گولڊن جوبلي تقريب جي حوالي سان “سنڌي ادب جا 75 سال” جي عنوان سان ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي ڪيو. سنڌي شعبي ڪراچي يونيورسٽي پاران آرٽس آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ اديبن، استادن، ليکڪن ۽ شاگردن جي وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ادبي ڪانفرنس جي ٻن ڌار ڌار ويهڪن جي صدارت ڊاڪٽر فهميده حسين ۽ امداد حسينيءَ ڪئي. ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌي شعبي پاران ڪوٺايل ڪانفرنس جي ساراهه ڪندي چيو ته ڪانفرنس ۾ انتهائي اهم مقالا پيش ٿيا آهن. هن چيو ته سنڌ ۾ تشريحي لسانيات تي گهڻو ڪم ٿيو آهي، پر گرامر تي ڪم ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. نامياري شاعر ۽ اديب امداد حسيني چيو ته ورهاڱي کان پوءِ سنڌ جي پريشانين جو سفر ادب ۽ شاعري ۾ موجود آهي. شاگردن کي گهرجي ته موجوده شاعري کي پڙهن ته جيئن هو حقيقتن کان واقف ٿين. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي. ان جي به ڪٿ ٿيڻ گهرجي. قومپرستي ۽ ترقي پسندي ٻئي فطري آهن. شاهه لطيف جي فڪر ۾ ٻئي لاڙا شامل آهن. پروفيسر سليم ميمڻ چيو ته سنڌي شعبي جي نئين نصاب موجب شعبي جي شاگردن کي سائنسي مضمون ۽ فنڪشنل انگريزي سيکاري ويندي، جنهن سان شاگردن کي گهڻو لاڀ ملندو.   ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر سحرامداد،. ڊاڪٽر اسحاق سميجي. تاج جوئي چيو ته 75 سالن ۾ نثري نظم تمام تخليقي انداز ۾ لکيل آهي. سنڌي ٻولي ۾ لکيو ويندڙ نثري نظم سماج جي هر پهلو ۽ پيڙا جي سرواڻي ڪري ٿو. اسلام آباد کان آيل اسڪالر ڊاڪٽر منظور ويسريي چيو ته لسانيات جي تشريح تي تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي. پر گرامر تي ڪم ڪرڻ جي اڃان وڏيڪ ضرورت آهي. ڪابه ٻولي گرامر کان بغير اڌوري آهي. ڊاڪٽر مخمور بخاري چيو ته سچل سرمست جورسالو ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي. ڊاڪٽر مبارڪ لاشاريءَ ، ڊي سي ڪياماڙي نوجوان اسڪالر مختيار ابڙي. ڊاڪٽر  شازيا پتافيءَ چيو ته ٻاراڻي ادب جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. ڊاڪٽر شير مهراڻيءَ “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ موت جو تصور” جي عنوان تي مقالو پڙهندي چيو ته موت جي موضوع تي شيخ اياز سڀني شاعرن کان وڌيڪ لکيو آهي.  هو موت کي مختلف نمونن سان ڏسي ٿو. پر سڀنيءَ تان اهم ڳالهه اها آهي ته هو موت کي آخري منزل نٿو سمجهي. هو تخليق ذريعي موت تي فتح ماڻڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ تي سڀني مقالي نگارن کي يادگار شيلڊون ڏنيو ويون. ڪانفرنس ۾ اديبن، شاعرن، استادن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.