لياري گينگ وارجا 3 دھشتگرد گرفتار

ڪراچي (رپورٽ : حفيظ ڦلپوٽو ) ڪورنگي پوليس ڪارروائي ڪندي لياري گينگ وارن جي 3 دھشتگردن کي گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن کان بم، پستول ۽  ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو آهي دهشتگردن پاران اهم دهشتگردي جو منصوبو بڻايو هو جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو، ايس ايس پي ڪورنگي شاهجهان خان موجب ڪورنگي ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي لياري گينگ وار جي 3 دھشتگردن کيس گرفتار ڪري ورتو گرفتار جوابدارن دهشتگردي جو منصوبو بڻايو هو جنهن کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو گرفتار جوابدارن کان دستي بم، پستول ۽ ٻيو سامان برآمد ڪيو ويو آهي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي جوابدارن کان سندن ٻين ساٿين بابت پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.