نسلا ٽاور ڊاهڻ جو ڪم جاري، 7 منزلون ڊاهي پٽ

ڪراچي (رپورٽر ) سپريم ڪورٽ جي حڪم جي روشني ۾ ڪراچي جي نسلا ٽاور جي 7 منزلن کي ڊاهي پٽ ڪيو ويو آهي. عدالتي حڪم تي نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جو  عمل جاري آهي جنهن جي لاءِ مٿانهين منزل تي مشينري لڳائي عمارت جي 7 منزلن کي ڪيرايو ويو آهي، اختيارين موجب نسلا ٽاور جي 4 منزلن تي پارڪنگ ۽ 11 تي رهائشي فليٽ هئا جن مان 7 منزلن کي ڪيرايو ويو آهي جڏهن ته رهيل منزلن کي ڪيرائڻ جو سلسلو جاري آهي. ان حوالي سان ٽريفڪ پوليس ٻڌايو اهي ته حفاظتي قدمن جي تحت نسلا ٽاور جي چوڌاري سمورا روڊ مڪمل بند ڪيا ويا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.