ٽانڪ ۽ وزيرستان ۾ 2 دهشتگرد مارجي ويا، 2 جوان شهيد

ڊيره اسماعيل خان (م ڊ) ٽانڪ ۽ ڏکڻ وزيرستان ۾ فورسز جي آپريشن دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب فورسز ان علائقن ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 2  دهشتگرد مارجي ويا جن جي قبضي مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ آيو آهي، آءِ ايس پي آر موجب دهشتگردن سان مقابلي دوران 2 اهلڪار به شهيد ٿيا جن مان سپاهي فريد الله جو تعلق ڪرڪ ۽ سپاهي شعيب حسن جو تعلق ڊيره اسماعيل خان سان هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.