کنڊ ۽ لوڻ ۾ لِڪل خوبصورتيءَ جو راز

 

کنڊ ۽ لوڻ کي ته عام طور کاڌي پيتي جي شين ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته اهي چهري کي صاف ڪرڻ ۾ به مددگار آهن؟

جيڪڏهن نه ته اسان توهان کي انهن جا جلد لاءِ فائدا ۽ استعمال جو طريقو ٻڌائي رهيا آهيون.

کنڊ ۽ گلوڪوز ۽ لوڻ ۾ ايڪسفوليٽنگ خاصيتون هجڻ سبب جڏهن انهن ٻنهي کي ملائي استعمال ڪيو ويندو آهي ته ان جا نتيجا حيران ڪندڙ هوندا آهن.

انهن قدرتي شين جو ماسڪ ٺاهڻ لاءِ هڪ چمچو کنڊ ۽ اڌ چمچو لوڻ هڪ پيالي ۾ وجهو، پوءِ ان ۾ اڌ چمچو ماکي چڱي طرح ملائي ان پيسٽ سان 5 منٽن تائين چهري تي مساج ڪيو.

مساج ڪرڻ کانپوءِ ٿڌي پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو ۽ چهرو ڪنهن صاف ڪپڙي سان اُگهي ڪا سٺي موسچرائزنگ ڪريم لڳائي ڇڏيو.

بهترين نتيجن لاءِ هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهو عمل 3 ڀيرا ضرور ورجايو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.