نواز شريف جو پئسي ۾ ساهه آهي ۽ نيب اهو وصول ڪرڻ چاهي ٿو: فواد چوڌري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته نواز شريف جو پيسي ۾ ساهه آهي ۽ نيب اهو وصول ڪرڻ چاهي ٿو، ليگي سڏرائيندڙ پنهنجي بي عزتي ڪرائي رهيا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته ملڪ ۾ شريفن ۽ زردارين جو عروج هاڻي ختم ٿي چڪو  آهي، پي ايم ايل اين ۽ پ پ جي فنڊنگ رپورٽ جو انتظار آهي، جڏهن ته مريم نواز جون سمورين ٽيپ اصل هيون، کيس معافي وٺڻ گهرجي.

هن چيو ته فرخ حبيب کي پارٽي جو نئون مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري، جڏهن ته سراج خان کي مرڪزي فنانس سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي.

سندس موجب تحريڪ انصاف شفاف فنڊنگ نظام ڏنو آهي، 40 هزار کان وڌيڪ ووٽرز پي ٽي آءِ فنڊنگ جو حصو آهن، خيبرپختونخواهه ۾ اسان شفاف مڪاني چونڊون ڪرايون، پنجاب ۾ شفاف مڪاني چونڊون ڪرائڻ وڃي رهيا آهيون.

فواد چوڌري چيو ته وزير اعظم هدايت ڏني آهي ته مڪاني چونڊن جي تياري ڪيو، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي تڪن ۾ مهم هلائڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، ن ليگ ۽ پ پ کي گڏجي ضابطا ٺاهڻ گهرجن.

وفاقي وزير چيو ته مهانگائي جي توڙ جي لاءِ گڏيل منصوبا تيار ڪيا آهن، فنانس بل جنوري جي ٻئي هفتي ۾ پاس ٿي ويندو، اسٽيٽ بئنڪ بابت بل به پاس ٿي ويندو، ڊالر جو اگهه  بهتر ٿي ويندو.

هن چيو ته پاڪستان جو گروٿ ريٽ ساڍا 5 سيڪڙو جي ويجهو آهي، ڪجهه ماڻهن جون جيڪي اميدون هيون، اهي ٽٽي رهيون آهن، ڪارڪن مڪاني حڪومتن جي چونڊن جي تياري ڪن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.