ننگر پارڪر: ڪارونجهر جي ڪٽائي جو ڪيس: ڊِي جي معدنيات کي شوڪاز نوٽيس جاري

ننگر پارڪر جي عدالت ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر جنرل معدنيا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 13 جنوري تائين ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سول جج ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ ننگرپارڪر ڪرم علي شاھ جي عدالت ۾ ڪارونجهر جي ڪٽائي بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران ايف ڊبليو او ۽ ڪوه نور ڪمپني جو وڪيل برڪت ميتلو، فاريسٽ آفيسر ڪاشف شيخ، ثقافت کاتي جو اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ڪيلاش ۽ ٻيا لاڳاپيل اختياريون پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران ايف ڊبليو او جي وڪيل  برڪت ميتلو عدالت کي ٻڌايو ته معاملو ھاء ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي اسان اتي به پنهنجا جواب داخل ڪرايا آهن.

فاريسٽ آفيسر ڪاشف شيخ چيو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي جي ڪنهن کي به اين او سي ناھي ڏني، ڪارونجھر کي عالمي ورثي ۾ شامل ڪرائڻ لاء يونيسڪو کي لکي ڇڏيو آھي.

معدنيات کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر صديق مڳريو عدالت کي ٻڌايو ته ڪارونجھر جي ڪٽائي وارو ڪم بند ڪرايو آھي، ڪارونجھر جي ليز وارا دستاويز ڊائريڪٽر جنرل معدنيات جي  آفيس ۾ پيل آھن  جيڪي فراهم ناهن ڪيا ويا.

جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڊائريڪٽر جنرل معدنيات کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪندي 13 جنوري تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿي دستاويز جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته دپٽي ڪميشنر ٿرپارڪر، اسسٽنٽ ڪمشنر ننگرپارڪر، مختيارڪار ننگرپارڪر پنهنجي رپورٽ پيش نه ڪئي جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو  اظهار ڪندي سڀاڻي تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.