ڄامشوري ۾ ٽائون ڪميٽي طرفان ريڙهن ۽ سندلن تي روزگار ڪندڙ پورهيتن کان ٽيڪس جي نالي تي ڀتاخوري ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن علي ڪلهوڙو، احسان علي، زاهد گاڏهي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڄامشورو فلاء اوور برج هيٺان سندل رکي روزگار ڪري رهيا آهيون جنهن جا ٽائون ڪميٽي انتظاميا 50 کان 200 رپين تائين ٽيڪس لاڳو ڪري ناانصافي ڪري رهي آهي ۽ ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ تي اسان جا سندل کڻي غيرقانوني طور چالان ڪيا وڃن ٿا.
احتجاج ڪندڙن ڊي سي ڄامشورو ۽ ڪمشنر حيدرآباد کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي پريشاني ختم ڪئي وڃي.