ڪورونا انسانن مان جانورن ۾ منتقل ٿيڻ لڳو

اوهائيو (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس هاڻ انسانن مان جانورن ۾ به منتقل ٿيڻ لڳو آهي.

سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس جي وبا هاڻ جنگلي جيوت ۾ به پکڙجڻ شروع ٿي وئي آهي، انسان مان حيوانن ۾ پکڙجندڙ اها وبا خاص طور تي هرڻ ۾ تيزي سان پکڙجي رهي آهي.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته هرڻن ۾ ڪورونا وائرس جو پکڙجڻ انسانن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگھي ٿو، آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق موجب گھٽ ۾ گھٽ 6 ڪيسن ۾ انسان مان هرڻن ۾ ڪورونا وائرس جي منتقلي جي تصديق ٿي آهي.

ان سلسلي ۾ اوهائيو اسٽيٽ يونيورسٽي جي محققن اتر اوڀر اوهائيو جي 9 مختلف علائقن ۾ 360 جنگلي اڇي پُڇ وارن هرڻن جي نڪ جا نمونا ورتا هئا، 6 جائين تي 35 سيڪڙو کان وڌيڪ هرڻن ۾ وائرس جا گھٽ ۾ گھٽ 3 مختلف قسمن جا جينياتي مواد مليا.

سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ هرڻن مان انسانن کي وائرس جي منتقلي جا هن وقت تائين ثبوت موجود نه آهن پر اهو ناممڪن به نه آحي.

محققن خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جانور وائرس جو ذريعو بڻجي ويا ته هرڻ ۾ وائرس جي گردش امڪاني طور تي انسانن لاءِ خطرو بڻجي سگھي ٿي.

پينسلوانيا يونيورسٽي جي ماهر سميات سريش ڪُچپودي چيو آهي ته وائرس جو جنگلي جيوت ۾ موجود هجڻ ۽ انسانن جو ان کان بي خبر هجڻ پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي، اهڙين حالتن ۾ اسان اوچتو ڪنهن نئين وائرس جو شڪار ٿي سگھون ٿا.

واضح رهي ته ان کان اڳ اوهائيو ۽ پينسلوانيا يونيورسٽيز جي تحقيقن ثابت ڪيو هو ته ڪورونا وائرس انسانن مان حيوانن ۾ منتقل ٿي سگھي ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.