برڊ فلو انسان کي لڳي ويو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانوي اختيارين تصديق ڪئي آهي ته اتي برڊ فلو انسان کي لڳي ويو آهي، ڏکڻ اولهه انگلينڊ جو رهواسي برڊ فلو جو شڪار ٿي ويو آهي.

اختيارين موجب ان قسم جا ڪيس گھڻا گھٽ سامهون ايندا آهن، ڄاڻايل شخص بيمار يا مُئل پکيءَ مان متاثر ٿيو آهي.

ٻي پاسي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان شخص مان برڊ فلو اڳتي ناهي پکڙيو، پر مريض جي ويجهن رابطن جي نظر آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي ته متاثر شخص في الحال ٺيڪ آهي ۽ هو آئسوليٽ ٿي ويو آهي، عوام کي خطرو انتهائي گھٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.