شڪرقندي ڪولسٽرول گھٽائڻ لاءِ فائديمند قرار

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) هڪ سستي ڀاڄي ڪولسٽرول جهڙي عارضي کي گھٽائي سگھي ٿي ۽ اها آهي شڪرندي يا (لاهور گجر). جا ها! اڄ ڪالهه پاڪستان ۾ عام ملندڙ ۽ ريڙهين تي وڪرو ٿيندڙ شڪرقندي نه رڳو ايل ڊي ايل ڪولسٽرول کي گھٽائي سگھي ٿي پر ڪورونا جي ان صورتحال ۾ اسان لاءِ امنياتي هٿيار به بڻجي سگھي ٿي.

ڪولسٽرول رت کي گھاٽو ڪندو آهي جنهن سبب فالج ۽ دل جي مرض جو خطرو وڌي ويندو آهي. پوءِ اهو ئي ڪولسٽرول دل جي شريانين ۾ سخت پلاڪ (شريانين کي بلاڪ ڪندڙ گند) بڻجڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ان ڪري وڌندڙ ڪولسٽرول کي هڪ جسماني مرض به قرار ڏنو ويندو آهي.

پر هاڻ ڪجهه رپين جي شڪرقندي روزانو کائڻ سان ڪولسٽرول گھٽائڻ ۾ مدد ملي سگھي ٿي. اهڙيءَ طرح فالج ۽ دل جي مرضن جو خطرو گھٽائي سگھجي ٿو. شڪرقندي ۾ سڀ کان اهم جُز فائبر آهي جيڪو رت کي تندرست پيماني تي رکي ٿو. لاهور گجر جو ريشو هضم ٿي آنڊن ۾ جذب ٿي وڃي ٿو. اتان رت ۾ پهچي اهو ڪولسٽرول کي گھٽائڻ شروع ڪري ٿو.

اهو ئي سبب آهي جو برطانيا ۾ نيشنل لائپڊ ايسوسيئيشن شڪرقندي کي هڪ بهترين غذائي دوا قرار ڏنو آهي.

ٻي پاسي ويب ايم ڊي جهڙي تصديق ٿيل ويب سائيٽ به چيو آهي ته پنهنجي غذائي جُزن سبب شڪرقندي کي سڄو سال غذا جو حصو بڻائي سگھجي ٿو.

آمريڪي ماهرن موجب هڪ وچ درجي جي شڪرقندي وٽامن اي جي روزانو جي مقدار کان به چئوڻ تي وڌيڪ وٽامن فراهم ڪري ٿي. اها امنياتي نظام کي قوت ڏئي ٿي جڏهن ته دل ۽ گڙدن جي حفاظت به ڪري سگھي ٿي. مايو ڪلينڪ جي ويب سائيٽ موجب شڪرقندي سپر فوڊ ۾ شامل آهي.

ٻين ماهرن موجب شڪرقندي ۾ بي وٽامن، وٽامن سي ۽ ڊي، ڪيلشيئم، فولاد، فاسفورس ۽ ٿايامن جو سٺو مقدار موجود هوندو آهي. شڪرقندي ۾ موجود ڪيريٽيونوئڊز ۽ ڪيترن ئي قسمن جا اينٽي آڪسيڊنٽس ڪينسر کان بچائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. پر ان جو سڀ کان وڏو ۽ ترت فائدو اهو آهي ته اها ڪولسٽرول جي دشمن آهي جيڪو مختلف تحقيقن مان ثابت ٿي چڪو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.