جماعت اسلامي، ايم ڪيو ايم جو خال ڀرڻ جي ڪوشش پئي ڪري: سعيد غني

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته جماعت اسلامي ايم ڪيو ايم جو خال ڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، اهي ئي بئنر لڳائي رهي آهي، جيڪي ايم ڪيو ايم لڳائيندي هئي.

پنهنجي بيان ۾ سعيد غني چيو ته پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جي صحيح جاءِ اسيمبلي آهي، مڪاني نمائندن جا اختيار گهٽائڻ جو تاثر غلط آهي، بهتري جي گنجائش هر قانون ۾ هوندي آهي.

هن چيو ته هر جماعت سياسي فائدن لاءِ ڪو نه ڪو قدم کڻندي آهي، جماعت اسلامي جيڪي قدم کڻي رهي آهي، اسان کي ان مان اهڙي اميد نه هئي، اها ايم ڪيو ايم جيان بئنر لڳائي رهي آهي.

سندس چوڻ هو ته پ پ ڪڏهن به سياسي ڳالهه ٻولهه جي عمل کان پاسو ناهي ڪيو، ناصر شاهه جا ڪجهه جماعتن سان رابطا به ٿيا آهن، في الحال احتجاج ڪندڙن خلاف طاقت جي استعمال جو ڪو ارادو ناهي.

واضح رهي ته سنڌ جي مڪاني قانون خلاف جماعت اسلامي جو ڌرڻو ستين ڏينهن به جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.