اتر ڪوريا طرفان هائپر سونڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪرڻ جي دعويٰ

پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا هائپر سونڪ ميزائل جي ڪامياب تجربي جي دعويٰ ڪئي آهي.

اتر ڪوريا چيو آهي ته ان طرفان گذريل ڏينهن تجرباتي طور تي فائر ڪيل ميزائل هڪ هائپر سونڪ ميزائل هو ۽ اهو تجربو ڪامياب رهيو.

اولهه جي دفاعي ماهرن موجب اهو ڪميونسٽ ڪوريا طرفان هيل تائين ڪيل مبينا هائپر سونڪ گائيڊڊ ميزائل جو ٻيون تجربو هو.

پيونگ يانگ اهڙو پهريون ٽيسٽ فائر گذريل سال سيپٽمبر ۾ ڪيو هو.

اتر ڪوريا جي خابرو اداري موجب اهو ميزائل ست سئو ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ٺيڪ پنهنجي نشاني تي وڃي لڳو.

واضح رهي ته  اتر ڪوريا کي عالمي پابندين سبب اهڙن ميزائلن جي تجربن جي اجازت ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.