ڪراچي ۾ هڪ نه ٻه ٻه وائرس، طبي ماهرن خبردار ڪري ڇڏيو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) طبي ماهرن ڪراچي ۾ ڪورونا وائرس جي قسمن کان خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن انفيڪشن ريٽ وڌيو ته لاڪ ڊائون ڏانهن به وڃي سگهون ٿا.

جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر شاهد رسول ڪراچي ۾ اومي ڪرون جي پکيڙ بابت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ويڪسينيشن جي گهٽتائي اومي ڪرون کي وڌائي رهي آهي، ڪراچي ۾ ويڪسينيشن جي شرح 40 سيڪڙو آهي، ڪروڙن جي آبادي واري شهر ۾ ويڪسينيشن جي شرح ايتري گهٽ آهي.

هن چيو ته اومي ڪرون جي وڌ کان وڌ تصديق جي لاءِ  جينوم سيڪوئنسنگ وڌائڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته اومي ڪرون سان گڏ ڊيلٽا ويرينٽ به پکڙجي رهيو آهي.

سندس موجب هلندڙ هفتي 8 سيڪڙو تائين انفيڪشنز جي شرح وڌي آهي، انفييڪشن ريٽ وڌيو ته لاڪ ڊائون ڏانهن وڃي سگهون ٿا پر اهو فيصلو حڪومت کي ڪرڻو آهي.

هن چيو ته لاڪ ڊائون انفيڪشن جي ريٽ سان واڳيل آهي، اسپتالن تي بار ناهي وڌيو پر ويڪسينيشن وڌائڻي پوندي ۽ ايس او پيز تي عمل ڪرڻو پوندو.

ٻئي پاسي صحت بابت پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد چيو ته ڪراچي ۾ ويڪسينيشن کي تيز ڪرڻو پوندو، سنڌ سرڪار کي شهرين جي گهرن تائين وڃڻو پوندو.

هن چيو ته وفاق صوبن کي ويڪسين فراهم ڪري رهيو آهي، سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي ته هر شهري تائين پهچي ۽ فوري طور عملي قدم کڻي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.