روس ۽ چين گڏجي چنڊ تي اسٽيشن تعمير ڪندا

ماسڪو/بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين جي خلائي تحقيقي اداري (سي اين ايس اي) روس جي سهڪار سان چنڊ تي هڪ گڏيل خلائي اڏو تعمير ڪرڻ جو منصوبو بڻائي ورتو.

اهو خلائي اڏو جنهن کي ”انٽرنيشنل ليونر ريسرچ اسٽيشن“ (ILRS) به چيو ويندو آهي، چنڊ تي انساني تاريخ جو پيچيده ۽ جديد ترين منصوبو به هوندو جنهن کي 2027ڳ تائين چنڊ جي ڏکڻ قطب ويجهو تعمير ڪيو ويندو.

ٻڌائيندا هلون ته 21 هين صدي ۾ نئين خلائي ڊوڙ شروع ٿيڻ کان پوءِ روس ۽ چين ۾ سهڪار ۽ ڀائيواري لاڳيتو وڌي رهي آهي.

چين اڳ ئي اعلان ڪري چڪو آهي ته هو 2030ع تائين پنهنجي پهرين سيٽلائيٽ چنڊ تي لاهيندو.

خلائي اڏي جو منصوبو ان کان ڌار آهي ڇو جو اهو سڄو ڪم آٽوميٽڪ روبوٽس ذريعي، ٿري ڊي پرنٽنگ جي مدد سان ڪيو ويندو.

روس ۽ چين ۾ معاهدي تحت اهي ٻئي ملڪ طاقتور راڪيٽن کانسواءِ اهڙي تعميرات تي به ڪم ڪندا جيڪا سج کان ايندڙ خطرناڪ شعاعن جو به سولائي سان مقابلو ڪري سگھي.

ان حوالي سان چين جي خلائي اڏامن جي شروعات جو 2024ع کان امڪان آهي جنهن جي ذريعي روبوٽ، روورز (ڦيٿن واريون گاڏيون) ۽ ٿري ڊي پرنٽر جهڙا اوزار چنڊ تي پهچايا ويندا جيڪي اتي موجود مٽي ۽ پٿر استعمال ڪندي، اڏي جي تعمير شروع ڪري ڇڏيندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.