لينووو جا نوان ۽ بهترين ليپ ٽاپس متعارف، جيڪي اوهان کي ضرور پسند ايندا

لينووو ڪمپيوٽر ۽ ليپ ٽاپ جي حوالي سان هڪ مشهور نالو آهي ۽ هر سال جي شروعات ۾ آمريڪا لاس ويگاس ۾ سي اي ايس نالي هڪ ٽيڪنالوجي نمائش دوران پنهنجا نوان ڊوائيسز پيش ڪندي آهي.

هن سال به ڪمپني سمارٽ هوم پراڊڪٽس سان گڏ ڪيترائي نوان ليپ ٽاپس به پيش ڪيا آهن.

انهن مان هڪ الٽرا وائيڊ 17 انچن جو ليپ ٽاپ ٿنڪ بڪ پلس آهي جنهن ۾ ڪي بورڊ سان گڏ هڪ 8 انچن جي سيڪنڊري ڊسپلي به موجود آهي.

ڊوائيس لاءِ ايل سي ڊي کي استعمال ڪيو ويو آهي ته جيئن وڌيڪ پاور بچائي سگھجي.

ان جي مين اسڪرين 17.3 انچن جي آهي جنهن ۾ 3k ريزولوشن موجود آهي جڏهن ته 8 انچن جي اسڪرين ڪي بورڊ جي سڄي پاسي موجود آهي جنهن سان گڏ اسٽائلوس سپورٽ به ڏني وئي آهي.

فوٹو بشکریہ لینووو

ڊوائيس ۾ ونڊوز 11 آپريٽنگ سسٽم کي استعمال ڪيو ويو آهي ۽ جڏهن ڪنهن ايپ کي ڊريگ ڪيو وڃي ته هڪ ننڍو ڊائلاگ باڪس کلي وڃي ٿو جيڪ 2 لي آئوٽس کي تجويز ڪري ٿو، هونئن وڌيڪ 5 تائين پهچ حاصل ڪري سگھجي ٿي.

ليپ ٽاپ ۾ 12 جنريشن انٽيل ڪور پراسيسر سان گڏ 32 جي بي ريم ڏني وئي آهي جڏهن ته انٽيل جي Xe گرافڪس کي استعمال ڪيو ويو آهي.

هڪ فل ايڇ ڊي آر آ آر ڪيمرا ليپ ٽاپ جو حصو آهي ۽ مختلف پورٽس جنهن ۾ هڪ ايڇ ڊي ايم آءِ ساڪٽ، 2 يو ايس بي اي ۽ هڪ ٿنڊر بولٽ 4 ڊوائيس به شامل آهي.

اهو ليپ ٽاپ مئي 2022ع ۾ دستياب هوندو ۽ ان جي قيمت 1399 ڊالرز رکي وئي آهي.

لائيگن 5 آءِ پرو ۽ 5 پرو

فوٹو بشکریہ لینووو

اهي ان سيريز جا 7 جنريشن ماڊلز آهن جيڪي اڳ کان وڌيڪ سنهڙا آهن ۽ انهن ۾ نئون اي ايم ڊي رائيزن ۽ انٽيل جا 12 جنريشن ڪور سي پي يوز موجود آهن.

اي ايم ڊي پراسيسر تي ڪم ڪندڙ واپي لائيگن 5 پرو ۽ انٽيل تي ٻڌل 5 آءِ پرو اڳوڻن ماڊلز کان وڌيڪ سنهڙا آهن جڏهن ته ڪولنگ سسٽم کي به بهتر بڻايو ويو آهي.

ليپ ٽاپس ۾ جي فورس جو نئون آر ٽي ايڪس سيريز جي پي يو استعمال ڪيو ويو آهي، واءِ فاءِ 6 اِي کي بهتر بڻايو ويو آهي جڏهن ته 16 انچن جي آءِ پي ايس ڊسپلي 240 هرٽز ريفريش ريٽ سان ليس آهي.

فوٹو بشکریہ لینووو

واهپيدارن کي هڪ ٽي بي تائين اسٽوريج جا آپشن دستياب هوندا ۽ 300 واٽ تائين چارجنگ جي سهولت هوندي پر يو ايس بي سي مان 135 واٽ پاور ئي ملي سگھندو.

لائيگن 5 آءِ پرو فيبروري ۾ دستياب هوندو جنهن جي قيمت 1570 ڊالرز هوندي جڏهن ته 5 پرو اپريل ۾ 1430 ڊالرن ۾ دستياب هوندو.

ٿنڪ پيڊ ايڪس 1 ۽ يوگا ماڊلز

تھنک پیڈ ایکس 1 — فوٹو بشکریہ لینووو

ٿنڪ پيڊ ايڪس 1 ۽ يوگا ماڊلز سڀني ۾ انٽيل جو 12 جنريشن انٽيل ڪور پراسيسر موجود آهي.

انهن سڀني ماڊلز ۾ ورڪ فرام هوم جي حوالي سان ڌيان ڏنو ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي ڪارڪردگي متاثر نه ٿئي.

انهيءَ ڪري سڀني ماڊلز ۾ هڪ ري ڊزائين ڪميونيڪيشن بار موجود آهي جيڪا بنيادي طور تي ويب ڪيم آهي جنهن ۾ هڪ طاقتور ڪيمرا مختلف آپشنز سان گڏ موجود آهي.

فوٹو بشکریہ لینووو

اسٽينڊرڊ ايڇ ڊي، ايف ايڇ ڊي ۽ آءِ آر ڪيمرا جا آپشن دستياب هوندا جڏهن ته ڪواڊ آيري مائڪرو فونز به ان جو حصو آهن.

واهپيدار ڪمپيوٽر ويزن بنڊل جي چونڊ به ڪري سگھندا ته جيئن تيز ترين پرفارمنس فراهم ڪري سگھجي.

جنريشن 7 ليپ ٽاپس مارچ ۾ دستياب هوندا ۽ انهن جي قيمت 1639 ڊالرز ۽ 1749 ڊالرز رکي وئي آهي.

ايڪس 1 نانو اپريل ۾ دستياب هوندو جنهن جو بيسڪ ماڊل 1659 ڊالرن ۾ خريد ڪري سگھبو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.